اسلام آباد/ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ جي زڪوات فنڊ ۽ ضلعي ڪميٽين ۾ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، سرڪاري ملازمن کي زڪوات فنڊ مان 21 لک رپين کان وڌيڪ غيرقانوني ادائيگيونڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ موجب مالي سال 2022-2024 دوران سنڌ صوبي جي زڪوات فنڊ ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽين ۾ 33 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. سنڌ صوبي جي زڪوات فنڊ ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽين بابت جاري ڪيل آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي زڪواة ڪميٽين ۾ 24 ڪروڙ 40 لک رپين جون بي ضابطگيون رڪارڊ ٿيون آهن..رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن کي زڪوات فنڊ مان 21 لک رپين کان وڌيڪ جي غيرقانوني ادائيگي ڪئي وئي، جڏهن ته 7 ڪروڙ 23 لک رپين بابت ٻيا به مالي مشاهدا رپورٽ ڪيا ويا. رپورٽ موجب سنڌ بينڪ جي انتظاميا 4,744 مستحق ماڻهن کي اي ٽي ايم ڪارڊ مهيا نه ڪري سگهي، جنهن سبب 3 ڪروڙ 89 لک رپين جي رقم مستحقن تائين نه پهچي سگهي ۽ اها رقم بينڪ وٽ رهي وئي.ان سان گڏوگڏ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن کي به زڪوات فنڊ مان غيرقانوني طريقي سان 2 ڪروڙ 80 لک رپين جي ادائيگي ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ بينڪ کي تصديقي چارجز جي نالي ۾ 41 لک رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي پڻ رپورٽ ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته 3 ڪروڙ 65 لک رپين جي رهتن جي وصولي نه ٿيڻ جا 5 ڪيس به سامهون آيا آهن.