اسلام آباد(م ڊ) بحريا ٽائون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾عدالت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته 7 آگسٽ تي ٿيندڙ ملڪيت جي نيلامي جو عمل روڪيو وڃي، سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض پاران سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ عدالت کان درخواست ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل منظور ڪئي وڃي، نيب مطابق ملڪ رياض جي جائيدادن جي نيلامي 7 آگسٽ تي نيب جي راولپنڊي آفيس ۽ جي سيڪس ون اسلام آباد ۾ عمل ۾ آندي ويندي.