آمريڪا سان تڪرار بعد مودي جو چين ڏانهن لاڙو!

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي 7 سالن کان وڌيڪ عرصي بعد پهريونڀيرو چين جو دورو ڪندو، جيڪو بيجنگ سان سفارتي لاڳاپن ۾ بهتري جي هڪ ٻي علامت آهي، رائٽرز موجب، هڪ سفارتي ذريعي ٻڌايو آهي ته نريندر مودي 31 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين ويندو، پر ڀارتي پرڏيهي وزارتِ اڃا تائين ڪو به ردعمل نه ڏنو آهي، نريندر مودي جو هيءُ دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ڀارت ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سخت بحران جو شڪار ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.