پي ٽي آءِ لاهور جو اهم اڳواڻ ساجد قريشي پ پ ۾ شامل ٿي ويو

 لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ساجد قريشي پنهنجي ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ هن گورنر پنجاب سليم حيدر خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گورنر پنجاب اظهار خيال ڪندي چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر 5 آگسٽ جي احتجاجي سڏ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا عوام ۽ سياسي ڪارڪن به روز روز جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کان تنگ اچي چڪا آهن، هاڻ وقت آهي ترقي، استحڪام ۽ جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ جو. گورنر چيو ته پاڪستان هاڻي احتجاجي سياست  کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ۽ عوام انهن عنصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ملڪ ۾ انتشار ۽ بيچيني پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.ساجد قريشي ۽ انهن جي ساٿين جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي هڪ تصوير به ورتي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.