رھجي ويل ملاقات جو ڏُک!

تحرير: عبدالوهاب منشي

سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي بيباڪ ميمبر نعيم قريشي سان فون تي ڳالهه ٻولهھ ٿي رهي هئي. سندس لهجي ۾ هڪ اڻ چئي اداسي، هڪ عجيب خاموشي، ۽ اندر جي ڪنهن ڳجهين ڏکن جو احساس سمايل هو. لفظ ته عام ۽ روزمره جا هئا، پر زبان جي نرمي ۽ لهجي جي نراسائي، ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺل ڏک جي گواهي ڏئي رهي هئي.

رسمي حال احوال کان پوءِ، اوچتو ادا نعيم چيو: "هاڻي هاڻي خواجه شمس الاسلام جي ٽيجهي مان موٽي آيو آهيان.” مون ٿورو تڪڙو جواب ڏنو: "هو ته پنهنجي مزاج ۾ هڪ سخت گير ۽ تڪراري شخصيت هو. ڪراچي جي ڪيترن ئي ججن جي سامهون ‘Not Before’ هو. ججن سان الجهي پوندو هو، سندس خلاف زمينن جي قبضي جا الزام هئا… ۽ گهڻو ڪجهه!” اها ڳالهه ٻڌي نعيم ڀاءُ جي لهجي ۾ اوچتو جذبو اڀري آيو  اهڙو جذبو، جيڪو سچي تڪليف جي اندرئين ڇال مان نڪري ٿو. چيائين "هو جيترو ڪاوڙيل، تلخ ۽ سخت انسان هو، اوترو ئي سچو، ايماندار، ۽ مومن صفت شخص پڻ هو. سپريم ڪورٽ جو اهڙو وڪيل، جو جيڪڏھن ڪنهن جو ٿي پوي ته دنيا جي هر عدالت ساڻس لڳي، ۽ جيڪڏھن اختلاف ڪري ته وري ڪنهن جو نه رهي.” نعيم صاحب جي ڳالهين ۾ خواجه صاحب بابت جيڪا گرمجوشي هئي، ان منهنجي دل کي به ڇُهي ورتو. چيائين "خواجه صاحب جا لڳ ڀڳ 300 رپوٽ ٿيل ڪيس هئا. هو اهڙو سخي ماڻهو هو، جو ڪروڙن جي فيس وٺندو هو، پر پنهنجي ڪمائيءَ جو 60 سيڪڙو غريبن، يتيمن، ۽ مدرسن جي شاگردن تي خاموشي سان خرچ ڪندو هو. بنا ڪنهن ڏيکاءُ، بنا ڪنهن شوبازيءَ جي”  ۽ پوءِ چيائين: "جيڪڏهن هو ججن جي اڳيان ‘Not Before’ هو، ته پنهنجي رب جي سامهون ته ضرور سرخرو ٿيندو.”سندن والد، خواجه شرف الاسلام، مولانا مفتي محمود جا نظرياتي پوئلڳ، انتهائي سچا، کرا ۽ باهمت انسان هئا، جن کي به سندن بيباڪيءَ سبب شهيد ڪيو ويو. ساڳي همت، ساڳي سچائي، ساڳي صاف گوئي، خواجه شمس الاسلام جي شخصيت ۾ به ساڻس گڏ هئي.

نعيم قريشي جي ڳالهين کان پوءِ، خواجه صاحب بابت منهنجي دل ۾ هڪ نئون تصور اڀريو. مان سوچڻ لڳس ته اڄڪلهه جا ڪيترائي وڪيل، جيڪي لکين روپيا فيس وٺي به بي چين ۽ بي اطمينان رهن ٿا، انهن جي ڀيٽ ۾ خواجه شمس الاسلام نه رڳو پنهنجي آمدني جو اڌ کان وڌيڪ حصو خير جي ڪمن لاءِ بي آواز خرچ ڪندو هو، پر حڪومت جي ناجائز ۽ ظالماڻين قدمن خلاف به سچائيءَ سان وڪالت ڪندو هو   بنا ڪنهن ڊپ، بنا ڪنهن سودي بازيءَ جي. اسان جي ساڻس ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي، نه ڪو ذاتي تعلق هو، نه رسمي سڃاڻپ. پر اڄ، سندس وڇوڙي کانپوءِ، دل اندر مان اٿندو آهي: "ڪاش، هڪ ڀيرو ملاقات ٿي وڃي ها!”هو اهڙو شخص هو، جيڪو جيئري به بي باڪ هو، ۽ مرڻ کانپوءِ به پنهنجي جرئت، سچائي، ۽ اصولن جو اهڙو نقش ڇڏي ويو آهي، جيڪو وقت جي مٽي به مٽائي نه سگهي.

آئون، حيدرآباد جي وڪيل برادريءَ طرفان، ڪراچي جي وڪيلن سان گڏجي، خواجه شمس الاسلام جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ۽ ساڳي وقت اهو به چوان ٿو ته: "ڪاش، اسين پنهنجي هيروز جي حياتيءَ ۾ ئي سندن قدر ڪري سگهون، ته جيئن سندن وڇوڙي کانپوءِ ڪڏهن نه ٿيل ملاقات جي حسرت دل ۾ نه رهجي!”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.