واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت تي لاڳو ٿيل ٽيرف ۾ واڌ ڪندو، ڇاڪاڻ ته ڀارت وڏي مقدار ۾ روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته
ڀارت نه رڳو روسي تيل وڏي مقدار ۾ خريد ڪري رهيو آهي پر اُن مان گهڻو تيل وري کليل مارڪيٽ ۾ منافعي لاءِ وڪڻي به رهيو آهي، ان کي ڪا به پرواهه ناهي ته يوڪرين ۾ روسي جنگي مشين هٿان ڪيترا ماڻهو ماريا پيا وڃن.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ان سبب مان ڀارت طرفان آمريڪا کي ادا ڪئي ويندڙ ٽيـرف ۾ نمايان واڌ آڻيندس.
هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ڀارت تازو روس کان رعايتي اگهن تي ڪچي تيل جي خريداري وڌائي ڇڏي آهي، جيڪو يوڪرين جنگ کانپوءِ عالمي سطح تي هڪ سفارتي ۽ اقتصادي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like