توهان کي اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته يورپ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ موجود آهي، جيڪو هر 6 مهينن کانپوءِ پنهنجو ملڪ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ان ئي سبب اهو هزارين ٻيٽن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو.
فيزنٽ آءِ لينڊ نالي هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيڪو فرانس ۽ اسپين جي سرحد تي آهي، ان منفرد ٻيٽ تي عام ماڻهو رڳو خاص موقعي تي ئي اچي سگهن ٿا.
اهو ٻيٽ ٻن ملڪن وچ ۾ هڪ قدرتي ڪنڊيدار تار جو ڪم به ڪندو آهي، ان ٻيٽ جي ملڪيت تي فرانس ۽ اسپين وچ ۾ 30 ورهين جي جنگ کانپوءِ ٻنهي حڪومتن ۽ فوجن ان جي ملڪيت تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ هڪ معاهدو طئي ٿيو ته ٻيٽ ٻنهي ملڪن جي ملڪيت ۾ رهندو.
فرانس جي بادشاهه لوئس XIV ماريا ٿريسا سان شادي ڪئي، جيڪا اسپين جي بادشاهه فلپ (چوٿون) جي ڌيءَ هئي، شادي جي موقعي تي ان ٻيٽ تي هڪ يادگار تعمير ڪرايو ويو.
ان کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اهو ٻيٽ 6 مهينن تائين فرانس ۽ 6 مهينن تائين اسپين جي ملڪيت رهندو، ان کان اڳ تاريخي طور تي اهو اسپين جي ملڪيت هو.
ان تاريخي ۽ منفرد ٻيٽ تي عام ماڻهو رڳو خاص موقعي تي ئي اچي سگهن ٿا، انهن ۾ سال جي وچ ۾ ٿيندڙ تقريب سڀ کان اهم آهي، جنهن ۾ فرانس ۽ اسپين ٻنهي ملڪن جا سياح شريڪ ٿيندا آهن.
Prev Post
You might also like