اچو پائيدار مستقبل ڏانھن قدم وڌايون

تحرير: محمد احسان لغاري

سنڌ  جي  شھرن  ۽ ٻھراڙين   لاءِ پائيداري جي جستجو اھم آھي۔ اڄ شھري سنڌ جي پاڻي ۽ ٻوڏ سان لاڳاپيل ڪجهه مسئلن تي گڏجي غور ڪندا سين۔ خاص ڪري اسان جا وڏا شهر جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد، لڳاتار شھري ٻوڏن ۽ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ سان ويڙھ ڪندا پيا اچن. اھي مسئلا فقط قدرتي آفتون ناھن، پر انھن جي پاڇي ھيٺ ادارتي ڪمزوريون، رٿابنديءَ جي کوٽ، اڏاوتن جي سار سنڀال ۾ گهٽتائي، ۽ پراڻين، ردعمل تي ٻڌل پاليسين جو تسلسل شامل آھي. اھي ڏچا ۽ چئلينج بھتري جي رستن ۽ موقعن ڏانھن موڙي سگھجن ٿا۔ اھي موقعا اسان جي شھرن جي پاڻي سان لاڳاپيل نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ، مربوط حڪمت عملي، پائيداري ۽ طرز حڪمرانيءَ جي بھتري واري منزل ۽ مقصد لاءِ آھن۔.

اهڙي تبديلي صرف ٽيڪنيڪي حلن ذريعي ممڪن ناھي. ان لاءِ بنيادي ڍانچي جي تبديلي ضروري آهي جنهن ۾ پاڻي جو انتظام، اڏاوتن جي معيار، برابري، شراڪتداري، ۽ ادارتي صلاحيت شامل آھن. ان تبديل ٿيندڙ سوچ جو مرڪز آهي انٽيگريٽيڊ اَربن واٽر مينيجمينٽ، يعني “مربوط شهري پاڻي جو انتظام”، جيڪو پاڻي جي فراهمي، نيڪال، طوفاني پاڻي، ۽ ماحولياتي وهڪرن کي ھڪ مربوط ۽ ڳنڍيل نظام طور ڏسي ٿو، ۽ ان کي شھري ترقي، صحت، معيشت ۽ آفتن جي گھٽتائي ۽ ان جي گھٽ ناڪاري اثرن سان ڳنڍي ٿو.

ھن نئين ماڊل جي مطابق، گندي پاڻي کي ضايع ڪرڻ بدران ان کي وسيلو سمجھي، ٻيھر استعمال، صفائي ۽ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم آڻجي. ڪراچي جھڙا وڏا شھر، جن وٽ اڃا به اڏاوتن جي کوٽ آھي، تن لاءِ رڳو پراڻن سرشتن جي مرمت ڪافي ناھي، پر نئين، ماحول دوست ۽ مستقبل ڏسندڙ اڏاوتن جي ٺاھڻ جي ضرورت پڻ آھي! اھڙو ڍانچو جيڪو اڳواٽ خطرا سمجھي، تياريءَ سان اڏجي، نه ڪي جڏھن مينھن اچن يا اُن کان ٿورو اڳ  ھر سال جي ٻوڏ جي ڏينھن ۾  ردعمل طور ڪم ڪجي. وري کڻي چئجي “ بابا الله خير ڪندو!” خير ۽ آفيت لاءِ ڌڻي پاڪ جو ئي ٻڌايل آھي ته ڪوششون ڪيو۔ رڳو ڳالھيون نه!

ھن سوچ کي اڳتي وڌائيندي، اسان کي روايتي ميري پاڻي کي کڻندڙ اڏاوتن ( جنھن کي انگريزي ۾ گِري اسٽرڪچر چئجي ٿو) سان گڏوگڏ پائيدار شھري نيڪال جي نظام کي اپنائڻو پوندو ( سسٽينبل اربن ڊرينيج سسٽمز) . اھي اھڙا پائيدار نيڪال جا نظام آھن جيڪي فطرت جي جوڙيل سرشتن جي عملن کي نقل ڪندي طوفاني پاڻي کي منظم ڪن ٿا مثال طور  پاڻي جذب ڪندڙ پيچرا يا رستا، ساوڪ واريون  ڇتون، ۽ مينھن جو  پاڻي جذب ڪندڙ ۽ ڪجهه ڏينھن تائين گڏ ڪندڙ پارڪ وغيرھ۔ اھي ھوائي ڳالھيون ناھن پر اسان جي پنھنجي ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيل تجربن ۽ تحقيق تي ٻڌل آھن. ھي نظام نه رڳو ٻوڏ جي خطري کي گھٽائين ٿا، پر ماحول بھتر ڪن ٿا، فضا صاف ڪن ٿا، ۽ عوام لاءِ گھڻ مقصدي  تفريحي ۽ صحتمند جايون جوڙين ٿا.

مرڪزي ڪابينا وزيراعظم پاڪستان جي سربراھي ۾ ٽيھ جولاءِ 2025 تي ھڪ انتھائي اھم ڪم ڪيو آھي جيڪو اسان جي موضوع سان ئي جڙيل آھي۔ ان ۾ گرين بلڊنگ ڪوڊز۔ ساوڪ سندا عمارتون جوڙڻ جا بنيادي اصول ۽ ھدايتون۔ منظور ڪيا آھن؛ ھي انتھائي اھم ۽ وقتائتو قدم آھي۔ ان ۾ ڪوڊز کي جديد ڪرڻ، اڏاوت ڪرڻ جا پائيدار طريقا اپنائڻ، مينھن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ يا لاڀ ڪرڻ، توانائي ۾ بچت ڪندڙ سامان ھڻڻ جھڙا عمل شامل آھن۔ اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته چارماڙ کان مٿي واري عمارتن تي بجلي بچائڻ، سولر جو نظام ھڻڻ، سرسبز ڇتون، ماحول تي گھٽ ناڪاري اثر وجھندڙ اڏاوتي سامان استعمال ڪرڻ واريون ھدايتون شامل آھن- اھي ڪوڊَ ھمہ وقت رھائشي، ڪاروباري ۽ صنعتي نئين ٺھندڙ عمارتن تي لاڳو ٿينديون۔ اھي ڪوڊ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي باءِلاز/ قاعدن طور لاڳو ڪيا ويا آھن۔  اھي گڏيل قومن جي 17 پائيدار ترقي جي مقصدن/ ايس جي ڊيز سان پڻ ٺھڪي اچن ٿا۔ ان ڏس ۾ ھاڻ سنڌ حڪومت کي پڻ اھم قدم کڻڻا پوندا-

اسان کي ڀلي ڀت سمجھڻو پوندو ته  جيڪڏھن مينھن جي پاڻي جو لاڀ عمارتن لاءِ ٺھڻ وقت ئي شامل ڪيو ويندو ته ان مان گھٽ ۾ گھٽ سالياني ضرورتن جو ڏھ کان ويھ سيڪڙو پورو ڪري سگھبو۔ھي  شهري حڪمت عمليءَ جو اهم حصو ۽ عمارتن جي قانون (building code) جو عنصر ھئڻ جي ڪري پاڻيءَ جي کوٽ کي گھٽائي سگھجي ٿو .

سمجھڻ گھرجي ته ڪابه جديد ٽيڪنيڪي رٿا تڏهن ناڪام ٿيندي، جيڪڏهن ان جي پويان مضبوط ادارا ۽ شفاف حڪمراني موجود نه هجي. سنڌ جي پاڻي واري  پاليسي جيڪا قومي پاڻي پاليسي 2018 سان هم آهنگ آهي؛ ۽  يقيناً اھم اڳڀرائي آهي، پر حقيقت اها آهي ته پاليسين ۽ انهن جي اثرائتي عملداريءَ وچ ۾ وڏيون  وٿيون آهن. اسان کي صرف نئين پاليسين جي گھرج ناھي، پر موجوده پاليسين جي نفاذ، قابل عمل منصوبن، مالي وسيلن جي درست ورھاست/ پراجيڪٽن جي حساب سان رکڻ، ۽ سامھون نظر ايندڙ  نتيجن جي ضرورت آھي.

ان سان گڏ، جديد ۽ پائيدار عوامي اڏاوتي نظام جي تعمير ۽ سار سنڀال کي نئين سر ترجيح ڏيڻ گھرجي. ھر سال نئين ٺھندڙ روڊ، نالي، پاڻيءَ جون لائينون، ۽ ٻوڏن بعد ڀڄي پوڻ وارا نيڪال جا سرشتا رڳو مالي نقصان  ناھن، پر اھو ادارتي ڪمزوري، ذاتي مقصدن جي ترجيح، ۽ نگراني جي کوٽ جو اظهار آھن.

اهم تبديلي لاءِ، مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ پڻ اڻٽر آهي. انھن جي  مالي آزادي محدود آهي، ۽ بلدياتي ادارن وٽ فني صلاحيت جي کوٽ آهي. مقامي حڪومتن کي ادارتي، مالي، ۽ انتظامي طور خودمختار ۽ شفاف  بڻائڻ سان ئي شهري ترقي، سار سنڀال، ۽ مقامي مسئلن جو موثر حل ممڪن آهي.

ساڳئي وقت، اڻڌرائپ ۽ احتساب به ضروري آهن. نيب وارو احتساب نه پر طرز حڪمراني جي بھتري جي نتيجي ۾ ٿيندڙ احتساب !

پاڻي جي چوري، ناانصافيءَ تي ٻڌل فراهمي، ۽ ڪمزور ٺيڪا ڏيڻ واري نظام  کي درست ڪرڻ لاءِ اھم قدم کڻڻ گھرجن۔ بھتر ۽ بااختيار ريگيوليٽري ادارا ٺاھڻ، ۽ عوامي-خانگي ڀائيواري ۾ شفافيت جي ضرورت آهي. ان سان ئي سياسي مداخلت کان پاڪ، فني ۽ منصفاڻو نظام قائم ٿي سگھي ٿو.

 موجوده اداري نظام جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ادارتي ٽڪراءُ ۽ غيرمربوط ڪم آهي. ميونسپل ڪارپوريشن، واٽر بورڊ، سالڊ ويسٽ جو ادارو، ۽ ماحولياتي ايجنسين جا مقصد اڪثر هڪ ٻئي سان  ملندڙ ناھن؛ ڪافي ادارن کي وري ھڪ جهڙا ڪم ڪرڻا ٿا پون۔ ان لاءِ ضروري آھي ته ھر اداري جي ڪم ۽ ڪارج جي چٽائي ڪجي۔ اسان کي مروبط پلان، ڊيٽا شيئرنگ/ معلومات جي ڏي وٺ ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آھي۔

نواڻ ڀري ٽيڪنالاجي ھن وقت نئين امڪانن سان ڀرپور آھي. AI  ايٖ آءِ ۽ سيٽلائيٽ تصويرون ھاڻي ھفتو اڳ ئي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڏئي سگھن ٿيون. Google Flood Hub  گوگل فلڊ ھب جھڙيون ويبسائٽون 80 ملڪن ۾ مقامي سطح تي اڳواٽ خبرداري  فراهم ڪري رهيون آهن. موسم سان هم آهنگ زراعت (climate-smart agriculture)، گھم کي ماپيندڙ سينسر ۽ پاڻمرادو آبپاشي جي مدد سان 40٪ تائين پاڻي بچائي سگھجي ٿو.سڀ کان اهم، عوام جي شراڪتداري. رڳو اصولي ڳالهه نه آهي، بلڪه ريزائلينس/لچڪ جو بنيادي جزو آهي. گھر ڌڻين کي سيپٽڪ ٽئنڪ صاف رکڻ، نالن ۾ ڪچرو نه وجهڻ، ۽ پنھنجي عمارتن تي مينھن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ سسٽم لڳائڻو پوندو. پاڙن جون  ڪاميٽيون، شهرين جي  شرڪتي بجيٽنگ جھڙا ماڊل شھرن کي عوام جي ترجيحن سان جوڙي، اعتماد پيدا ڪن ٿا.

سنڌ  اهڙي واٽ تي بيٺل آهي جتي موسمي تبديلين، وڌندڙ شھرڪاري، ۽ وسيلن جي کوٽ اسان لاءِ خطرا به آهن ته موقعا به. وقت اچي ويو آهي ته رڳو نڪتا چينيءَ بدران نواڻ، پائيداري، معيار، ۽ ماڻهن جي شموليت تي ٻڌل رٿابندي اختيار ڪجي. اھو رستو خواب ناھي، پر مستقبل جي بقا لاءِ اڻٽر آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.