اسلام آباد(زاهد گشڪوري)کنڊ جي اگهه تي ڪنٽرول نه ٿيو، ذخيرو ڪندڙن وڌيڪ 22 لک ٽن کنڊ لڪائي ڇڏي آهي،وڏن شهرن ۾ کنڊ جو اگهه 209 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي،حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو به شگر ملن جا مالڪ آهن، ميان نوازشريف، شهبازشريف جي پٽ سليمان شهباز ۽ حمزا شهباز جون ٻه شگرملون،وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هڪ شگر مل، هن جي سيڻ چوڌري منير ،جهانگير ترين، خسرو بختيار،سندس ٽن ڀائرن جون شگرملون،اومني گروپ جون سنڌ ۾ 12 شگرملون آهن،اڪثر شگر ملن ۾ صدر آصف علي زرداري جي خاندان جا شيئرز آهن،جن ۾ بلاول ڀٽو زرداري،فريال ٽالپر شامل آهن،مخدوم احمد محمود ،ميان فيصل مختيار،نوازشريف جي ڪزن طارق شفيع،ميان الياس،زڪا اشرف،جاويد ڪياني، عمران خان ،نصرالله دريشڪ،شميم خان،بٽ خاندان،مخدوم عمر شهريار،هارون اختر عبدالرحمان (صنعت وزارت جو قلم دان رکندڙ)همايون اختر ،حبيب گروپ،غلام فاروق گروپ،احمد ابراهيم،ڊاڪٽر تارا چند جون شگرملون آهن، 7 لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي جنهن ۾ جهانگير ترين گروپ 39 ملين ڊالر ڪمايا،هارون اختر جي تانديه والا شگر مل 21 ملين ڊالر، حمزا شگر مل 18 ملين ڊالر،المعيز انڊسٽريز ۽ ٿل انڊسٽريز 31 ملين ڊالر،اتحاد شگر مل 12 ملين ڊالر،خسرو بختيار جي رحيم يار خان شگر مل 12 ملين ڊالر،دريشڪ شگر مل 7 ملين ڊالر ڪمايا آهن،ڊيلرز جي ڪري حڪومت بيوس بڻيل آهي، عوام کان في ڪلو تي 100 رپيا نفعو ڪمايو پيو وڃي، کنڊ جو اصل اگهه 142 کان 155 رپيا هئڻ گهرجي، ايف بي آر به شگر مل مافيا پاران 300 ارب رپيا ڪمائڻ تي انهن تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي،شگر مافيا عوام کان 117 ارب رپيا ناجائز نموني ڪمائي ورتا آهن،شگر ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته مڊل مين ۽ ڊيلر کنڊ جي کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي،ٽيڪس لڳڻ سبب اسان جي پيداواري لاڳت وڌي آهي،حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪي به نوان ٽيڪس نه لڳا آهن،