سموري دنيا ۾ ريل آرامده ۽ سک وارو سفر لکيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ غريب طبقي ۽ ماڻهن لاءِ روڊ ٽرانسپورٽ توڙي ريل جو سفر يا ته بهتر نه آهي. آهي ته مهانگو آهي هڪ شهر کان ٻي شهر ۽ ويجهن شهرن لاءِ ريل جو سفر فيمليز لاءِ قدر بهتر آهي ايم ايل ٽو #ML2 هن وقت هڪ ئي ريل مستقل هلي رهي جنهن جو نالو 213 اپ ۽ 214 ڊائون موهن جو دڙو ايڪسپريس آهي
. موهن جو دڙو ايڪسپريس کي هن وقت به رڳو ٽي دٻا لڳائي هلايو پيو وڃي. جيڪا ناانصافي آهي. گهڻو ڪري موهن جو دڙو ريل روهڙي ۽ سکر مان ئي ڀرجي وڃي ٿي، جڏهن ريل نئين ديري جي شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٿي ته لڳ ڀڳ فُل ٿي وڃي ٿي.
لاڙڪاڻي کان سيوهڻ تائين ٽرين ۾ پير رکڻ جي جاءِ به نٿي بچي پوءِ ساڳي ريل ۾ ماڻهو ٽرين جي دٻن مٿان سفر ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ايتري تائين جو ريل جي انجڻ جي پاسن ۾ به بيهي رهن ٿا. موهن جو دڙو ريل ڏينهن جي ريل آهي. پبلڪ روڊ ٽرانسپورٽ جي ويگنن ۾ عورتن سان ننڍا ٻار ڏسي ويگنون يا ته انهن کي کڻڻ کان انڪار ڪن ٿيون يا وري ساڳيو فيمليون ويگنن ۾ خلاصو سفر نه ٿيون ڪري سگهن ۽ سوڙهه سنگوڙ ۾ سفر ڪن ٿيون پنجن ضلعن ،سکر ،شڪارپور،لاڙڪاڻي، دادو، ڄامشوري جي ٻه ڪروڙ عوام سان نانصافي آهي، هن ٽرين جا مڪمل اپ ۽ ڊائون ۾ 24 اسٽاف آهن. موهن جو دڙو ريل روهڙي کان ڪوٽڙي تائين هلي ٿي. روهڙي کان صبح جو سوير ساڍي ستين وڳي رواني ٿي
سکر، حبيب ڪوٽ، رُڪ، مدئجي روڊ، شاهنواز ڀٽو، لاڙڪاڻو، باڪراڻي روڊ، موهن جو دڙو، باڊهه، سيهڙ، راڌڻ، بالي شاهه،سيتا رحماني نگر، راڌڻ، پيارو ڳوٺ، ڦلجي اسٽيشن، دادو،خدا آباد، ڀان سعيدآباد، بوبڪ ،سيوهڻ شريف، لڪي شاهه صدر، آمري، ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو، سنڌ يونيورسٽي، ۽ آخري ريلوي اسٽيشن ڪوٽڙي تي دنگ ڪري ٿي. هڪ ريل صبح جو اپ 213 ۽ ٻي ريل ساڳي وقت 214 ڊائون ۾ ڪوٽري کان نڪري مٿين ساڳين اسٽيشنن کان ٿيندي شام دير سان روهڙي پهچي ٿي. ماڻهو دير اچڻ به برداست ڪري ٿا وڃن پر ماڻهن جو حق آهي ته سفر سٺي ريت ڪن هن ريل موهن جو دڙو جي ڀلي ڳالهه اها آهي ته هن ريل جي ٽڪيٽ هن مهانگي دور ۾ ڪجهه مناسب آهي. اڳ سال 2024ع جولاءِ تائين ساڳي ريل پرائيويٽ هئي ته ساڳي ريل کي 9 ڊٻا لڳل هوندا هئا ۽ هڪ ريل ۾ پرائيوٽ ڪمپني جا 9 ٽڪيٽ چيڪر ۽ انهن مٿان اسٽاف به گڏ سفر ڪندو هو.
هڪ سال کن موهن جو دڙو ريل 20 جولاءِ 2023ع کان 29 جولاءِ 2024ع تائين پرائيوٽ ٿي هلي تيستائين ريل کي ريلوي وارا وقت سان روانو به ڪندا هئا ۽ ريل کي دير به نه ٿيڻ ڏيندا هئا.
۽ ريل کي مڪمل 9 دٻا به ڏيندا هئا پر گذريل سال کن کان جڏهن ريل سرڪاري ٿي ته شروع ۾ ريل کي مڪمل دٻا ڏنائون پوءِ وري هٿ پٽي ويا ۽ ريل ۾ ڊٻن جو تعداد گهٽائي 2 کان ٽي ڪيو ويو. ۽ ايم ايل 2 جي مسافرن کي تڪليف ۾ وڌو ويو. موهن جو دڙو ريل مڪمل طرح اڪانامي ريل آهي. ان ۾ هڪ دٻو بجلي جو لڳندو جيڪو ريل جي طاقتور جرنيٽر وسيلي هلندو آهي.اهو ڊٻو ريل جي پٺيان لڳندو آهي. جڏهن ريل حبيب ڪوٽ جنگشن تي پهچندي آهي. ريل جو انجڻ اڳيان ڪٽجي ريلوي جي گول چڪري تان منهن مٽائي پوئتي اچي اڳيان لڳڻو هوندو آهي. ان کان اڳ ريل جي پٺيان لڳل بجلي جو ڊٻي کي ڪٽي ان کي به پٺيان هنيو ويندو آهي.
ان عمل جي ڪري حبيب ڪوٽ اسٽيشن تي جتي ريل کي 40 کان به مٿي منٽ حبيب ڪوٽ ريلوي اسٽيشن تي بيهڻو پوي ٿو. پوءِ ريل جو منهن وايا رُڪ اسٽيشن مدئجي روڊ کان ٿيندي شاهنواز ڀٽو رتيديري کان ٿيندي لاڙڪاڻي اچي ٿي. رُڪ اسٽيش کان انگريزن سڌوسکر طرف به ٽريڪ هو جيڪو ختم ڪيو ويو ان ٽريڪ کي بحالي جي ضرورت آهي.ماڻهن جي موهن جو دڙو ريل جي سائز گهٽ ٿيڻ تي جي دانهن ريل جي وزير، جنرل مينيجر ريلوي، ۽ آفيسرن سان فيس بُڪ تي ٿيل کليل ڪچهرين ۾ ڪيو آهي. پر ريلوي وارا هڪ پاسي ڪوچز بوگين جي گهٽ هئڻ جو بهانو ڪن ٿا ٻي پاسي وري هر نئين ڏينهن تي نيو ريلون جديد طريقي سان شروع ڪرڻ جو ڳالهيون ڪن ٿا. سنڌ ۾ ايم ايل ٻه ML2 ميل لائين 2 ريلوي لائين دادو کان حبيب ڪوٽ روهڙي تائين سکر ڊويزن آهي ان لاءِ مشهور آهي ته اهو ريلوي ٽريڪ سالن کان ڪچو ريلوي ٽريڪ آهي.
جيڪو مضبوط نه هئڻ ڪري هر ريل جي اسپيڊ 30 کان 50 جي وچ ۾ رکي هلائي وڃي ٿي.ريلوي کي پنهنجون سليپر فيڪٽريون آهن ريلوي جو اسٽاف آهي. ڪيترائي آفيسر اها دعوا ڪندا آهن ته اسان هن ايم ايل 2 کي مظبوط ڪنداسين عمران جي پي ٽي آءِ حڪومت ۽ شيخ رشيد جي وزارت ۾ 250 ملين روپيا رکيا هئا پر پوءِ سال 2022ع جي برساتن ۾ منڇر جي ڀڄڻ کانپوءِ هڪ سال تائين ريلوي ٽريڪ معطل ٿيو ۽ جنهن ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو انهن ڪمپني خير خير ڪري ڇڏيو يا ٻو ڪجهه ايم ايل2 تي دادو کان حبيب ڪوٽ تائين ڪم شروع نه ٿي سگهيو.
ايم ايل 2 تي موهن جو دڙو ريل کانسواءِ رات دير جو ٽرينون خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس، ۽ بولان ايڪسپريس آهن خوشحال خٽڪ ايڪسپريس هڪ ڏينهن ڇڏي ٻيو ڏينهن هلندڙ آهي.جڏهن ته بولان ايڪسپريس سيڪيورٽي خدشن ڪارڻ بند ٿيل آهي 1988ع ۾ ظفر لغاري پپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ريلوي جو وزير ٿيو ظفرلغاري جو تعلق خيرپورناٿن شاهه دادو سان هو، ظفرلغاري صاحب ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس ٽرين لاهور کان ڪراچي شروع ڪئي هئي جيڪا اها ايم ايل1 کان ٿيندي وايا ايم اي 2 ۾ داخل ٿي لاڙڪاڻي، دادو ،سيهوڻ کان ٿيندي ڪراچي ويندي هئي.
پر حڪومت جي تبديلي کان پوءِ ساڳي ريل جو نالو ته تبديل ٿيو پر روٽ به تبديل ٿيو ۽ ايم ايل 1 کان ئي کيس هلايو ويو.ايم ايل 1 تي سنڌو دريا جي کاٻي پاسي روهڙي سکر نواب شاهه حيدرآباد تائين جي عوام کي پنجاب جي روٽ تي هئڻ ڪري ريل جا متبادل به آهن جڏهن ته ايم ايل 2 تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان هئڻ ڪري دادو ۽ لاڙڪاڻي جي عوام کي ريل جو سک نه هئڻ جي برابر آهي. توڙي جو دادو ۾ ريلوي جي تمام شاندار انفراسٽڪچر آهي. دادو کان ڪراچي تائين به ٽريڪ قدر بهتر هئڻ ڪري چڱيون خاصيون ريلون هلي سگهن ٿيون. پر اهي ڪوششون اتان جا چونڊيل نمائندا ٿورو به نه ٿا ڪن.
اسان وٽ ميرپورخاص کان ڪراچي حيدرآباد ريلوي ٽريڪ تي اتان جي واپارين پاران ٽي ٽرينون هلرايون آهن هڪ شاهه لطيف ايڪسپريس،ٻي ٻه مهرڻ ايڪسپريس ۽ ٽئين وري زيرپوائينٽ ڇور عُمرڪوٽ کان حيدرآباد هلي ٿي. اهي ڪوششون اتان جي مقامي ماڻهن جي سٺي ايڊوڪيسي ڪارڻ هلن ٿيون.دادو شڪارپور لاڙڪاڻي جو عوام ۽ چونڊيل نمائندا جيڪڏهن سٺيون ڪوششون ڪندا ته ان ٽريڪ تي سنڌ مان ڪيتريون ريلون بهتر هلي سگهنديون.