ڪراچي ۾ ڏوهارين جو وڌندڙ وارداتون، پوليس ڪٿي آهي؟

تحرير: عبدالحفيظ شيخ

ڪراچي جنهن کي پاڪستان جو معاشي دل سڏيو ويندو آهي، اڄڪلهه ڏوهارين جي بي رحمي ۽ پوليس جي بي حسي جو شڪار بڻجي ويو آهي. اسٽريٽ ڪرائم، جيڪو پهريان صرف موبائل فون يا موٽرسائيڪل ڦر تائين محدود هو، هاڻ هڪ ڀيانڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي. رڳو مزاحمت ڪرڻ تي بي گناهه شهرين کي بنا ڪنهن رحم جي قتل ڪيو پيو وڃي تازن انگن اکرن موجب صرف 6 مهينن دوران سوين ماڻهو موبائل ڦرن، موٽر سائيڪلن جي ڇينگن ۽ روڊ تي ٿيل ڦرن دوران پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي جي گهٽين تي انسان جي جان جي قيمت هاڻ هڪ موبائل فون جيتري به نه رهي آهي

 پهرين ڳالهه ته س پوليس ڪٿي آهي؟ هر موڙ تي اهلڪار موجود هجڻ باوجود ڏوهاري آساني سان وارداتون ڪن ٿا، فرار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ مهينن تائين انهن جي گرفتاريءَ جو ڪو پتو به نٿو پوي. ڪيتريون ئي وارداتون سي سي ٽي وي ڪيمرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿيون، پر پوءِ به نتيجو ٻڙي ٻئي پاسي، حڪومت جي خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي. قانون جي حڪمراني جو دعويٰ ڪندڙ حڪومتي نمائندا ان خوني صورتحال تي رڳو مذمتي بيان جاري ڪري پنهنجو فرض ادا سمجهن ٿا. شھرين جي جان بچائڻ لاءِ نـ ڪا واضح حڪمت عملي آهي، نـ ڪا ايمرجنسي ريسپانس سسٽم اهو به ڏسڻ وٽان آهي ته پوليس جي اندر به ڪجهه ڪاريون رڍون آهن، جيڪي ڏوهارين سان ٻٽ بڻجي يا ته اک پٽي ڇڏين ٿيون يا سڌي سنئين سرپرستي ڪن ٿيون. نتيجي ۾ عام ماڻهو ٻنهي هٿن سان ڦرجي ٿو – ڏوهارين کان به، ۽ نظام کان به.

 هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي جي هر شهرين کي آواز اٿارڻ گهرجي. اسان کي حڪومت کان پڇاڻو ڪرڻو پوندو ته آخر اسان جي جان جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ پوليس جي اصلاح، ٽيڪنيڪل نگراني، گشت ۽ شھرين لاءِ محفوظ رستا فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي جيستائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نـ نڀاليندا، تيستائين ڪراچي جي گهٽين تي معصوم رت وهندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.