پاڪستان، اسرائيل کي ڇو نه ٿو مڃي؟

تحرير: سيد مجاھد علي

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو اسرائيل کي مڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي. هن آمريڪا جي دوري کانپوءِ نيويارڪ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران اها ڳالهه چئي. بهرحال، هن ان بابت تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو.پر سوال اهو آهي ته آخر اسحاق ڊار يا پاڪستان حڪومت کي بار بار ڇو وضاحت ڪرڻي پوي ٿي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو؟ يا وري اهو ته پاڪستان آخر اسرائيل کي تسليم ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟ان انڪار جي هڪ وڏي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ سبب ملڪ اندر مذهب، گمراه ڪندڙ پروپيگنڊا، ۽ تعصب جي بنياد تي پيدا ڪيل نفرت آهي. اها ساڳي نفرت آهي، جيڪا اڄ سڄي دنيا غزه ۾ ڏسي رهي آهي. اسرائيل پنهنجي به اصطلاح "دفاع جي حق” جي نالي ۾ ويهه لک کان وڌيڪ فلسطيني عوام کي تقريبن ٻه سال کان ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻائي رهيو آهي، ۽ هن سال جي مارچ کان وٺي غزه کي ملندڙ هر قسم جي غذائي يا ٻي انساني امداد بند ڪئي وئي آهي.

ڏينهن ڏينهن احتجاج وڌڻ باوجود، دنيا جي آواز کي روڪڻ لاءِ ڪجهه هفتن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا چند درجن ٽرڪ غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، پر جلد ئي اهو سلسلو وري بند ٿي ويندو آهي. ان وچ ۾ امداد جي ورهاست لاءِ اسرائيلي حڪومت پاران مقرر ڪيل نظام به تشدد، ظلم، ۽ ماڻهن جي قتل جي خبرن سان ڀريل آهي.

اهڙي حالت ۾، نه ته اسرائيلي حڪومت جي دل ۾ رحم جو ڪو احساس اڀري ٿو، ۽ نه ئي اسرائيلي شهري، جيڪي پاڻ کي هولوڪاسٽ جي ظلم جو وارث سمجهن ٿا، پنهنجي حڪومت تي دٻاءُ وجهن ٿا ته اها صورتحال ختم ڪئي وڃي. راءِ عامه جي سمورن سروي مطابق، اسرائيل جي واضح اڪثريت غزه ۾ جاري ظلمن ۽ جارحيت جي حمايت ڪري ٿي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي عوام ۾ فلسطيني عوام خلاف نفرت ۽ تعصب ڪيتري قدر وڌايل آهي.اسرائيلي شهري فلسطيني کي انسان سمجهڻ لاءِ به تيار ناهن، نه وري انهن جي ضرورتن کي سمجهڻ لاءِ. جڏهن ته ماضي ۾ انهن کي نازين جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ فلسطيني زمين تي هڪ ننڍڙي جاءِ ڏني وئي هئي، ته جيئن اهي سڪون سان پنهنجو هڪ خودمختيار ملڪ قائم ڪري سگهن.هتي اسرائيل جي قيام يا ان جي وسعت پسنديءَ بابت تفصيل سان بحث ڪرڻ جو موقعو ناهي. پر ضروري ڳالهه اها آهي ته ڪيئن هڪ ملڪ ۾ تعصب، پروپيگنڊا ۽ مذھبي اڀاري، ماڻهن کي ٻين عقيدن ۽ قومن خلاف نفرت تي اڪسايو وڃي ٿو.بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ به پهرين ڏينهن کان ئي اسرائيل ۽ يهودين بابت ساڳي سوچ موجود رهي آهي. ڪجهه ماڻهو قائداعظم محمد علي جناح جي بيانن جو حوالو ڏين ٿا، جيڪي اسرائيل جي قيام کان اڳ، ان جي قيام جي مخالفت دوران ڏنا ويا هئا. مسلمان اڳواڻ عام طور تي وچ اوڀر ۾ مختلف يورپي ملڪن مان آندل يهودين کي آباد ڪرڻ لاءِ اسرائيلي رياست جي قيام جي مخالفت ڪري رهيا هئا. جناح به انهن اڳواڻن مان هڪ هو، جنهن فلسطيني ۽ عرب قيادت سان گڏجي اسرائيل جي قيام کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ اصولي طور تي ان جي مخالفت ڪئي هئي.تنهن هوندي به، اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيون، ۽ محمد علي جناح مئي 1948ع ۾، اسرائيل جي قيام کان فقط پنج مهينا پوءِ، وفات ڪري ويا. انهيءَ دوران، هو سخت بيمار به هئا، ۽ ملڪ جي معاملن تي سندن گرفت به ڪمزور ٿي چڪي هئي. ان ڪري، اقوام متحده جي فيصلي تحت اسرائيل جي قيام کانپوءِ محمد علي جناح جو ڪو حتمي موقف تاريخي رڪارڊ تي موجود ناهي.ان واقعي کي هاڻي 77 سال گذري چڪا آهن، ۽ دنيا جي سياسي ۽ تزويري ضرورتون مڪمل طور تبديل ٿي چڪيون آهن. ان عرصي ۾ اسرائيل هڪ ناقابل انڪار حقيقت طور عالمي منظرنامي تي موجود آهي. ايتري قدر جو، هاڻي فلسطيني ۽ عربن جي وڏي تعداد به "ٻه رياستي حل” تي راضي آهي، جنهن جو مطلب آهي اسرائيل کي هڪ حقيقت طور قبول ڪرڻ.

1993ع ۾ اوسلو معاهدي تحت، فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اسرائيل کي باضابطا تسليم ڪيو هو، ۽ هن تاريخي فيصلي تي 1994ع ۾ اسرائيلي وزيراعظم يتزڪ رابن سان گڏ نوبل امن انعام پڻ حاصل ڪيو هو. پر جيئن ته اسحاق ڊار جي تازي بيان مان به ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو ڪو به اڳواڻ يا حڪومت، ٻين معاملن وانگر، اسرائيل جي معاملي ۾ به حقيقت پسندي ۽ توازن وارو رويو اختيار ڪرڻ جي همت نٿي ڪري سگهي. اسحاق ڊار جو تازو بيان به ڪنهن واضح پاليسي جي نمائندگي نٿو ڪري، پر ان خوف جي علامت آهي ته جيڪڏهن حڪومت ان حوالي سان ڪا اڳڀرائي ڪئي ته کيس فوراً "اسلام دشمن” يا "صهيونيت نواز” قرار ڏئي اقتدار تان هٽائڻ جون ڪوششون ٿينديون.ملڪ جا بااثر مذهبي ڌڙا ڪنهن به دليل يا ثبوت کانسواءِ نفرت جو طوفان کڙو ڪري سگهن ٿا، جيڪو حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو. ان ڪري اسحاق ڊار جي بيان کي سمجهڻ لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئن اسرائيل ۽ يهودين جي خلاف منظم انداز سان نفرت عام ڪئي وئي آهي، ۽ اقتدار سنڀاليندڙ هر حڪومت ان موضوع کي "غير ضروري” سمجهي ان بابت خاموشي اختيار ڪئي آهي. ڄڻ ته جيڪڏهن ڪنهن قوم يا مذهب کي گهٽ ذات وارو، ظالم يا دشمن قرار ڏنو پيو وڃي ته ان تي ڪو اعتراض به نه ٿيڻ گهرجي.

اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪا به حڪومت انهن بيڙين کي ٽوڙڻ جي قابل نه رهي آهي، جيڪي ان ئي جي هٿن سان ان جي پيرن ۾ پايون ويون آهن.جڏهن ته ان دوران حالتون تمام گهڻو تبديل ٿي چڪيون آهن. عالمي منظرنامو بدلجي چڪو آهي. هاڻ علائقائي ۽ عالمي سطح تي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ نون فيصلن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. مستقبل بابت حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ضروري آهي، پر پاڪستاني حڪومتون اڃا تائين ڏهاڪن پراڻن فيصلن کي "پٿر تي لکير” سمجهي بيهڪون نه ٿو بدلائين.

اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو مطلب قطعاً اهو ناهي ته ان جي ظالماڻين، ناجائز پاليسين يا وسعت پسنديءَ کي به قبول ڪيو وڃي، بلڪه ان معاملي تي غور ڪندي اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڇا فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ اسرائيل سان سياسي ۽ سفارتي لاڳاپا قائم ڪري، ڪو اثر رسوخ حاصل ڪيو وڃي؟ يا اسرائيل سان مڪمل لاتعلقي برقرار رکي، وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ اهم تبديليون نظرانداز ڪجن، جيڪي هاڻ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ معاشي مفادن تي سڌي ريت اثرانداز ٿي رهيون آهن.اڄ اسرائيل، وچ اوڀر جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي. پاڪستان سميت سڀني قومن کي هاڻ هن خوشفهمي مان ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي ته اسرائيل رڳو آمريڪا يا مغربي ملڪن جي امداد تي زنده آهي. آڪٽوبر 2023 کانپوءِ جي حالتن، ۽ اسرائيل جي هڪ پٺيان ٻي عسڪري ۽ سفارتي ڪاميابين هن کي بيشڪ، وچ اوڀر جي سڀ کان وڌيڪ بااثر ۽ طاقتور رياست بڻائي ڇڏيو آهي.پاڪستان ان علائقي ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ اسرائيل سان لاڳاپا نه رکڻ واري حڪمت عملي مان ڪو فائدو حاصل نه ٿو ڪري سگهي، بلڪه سدائين نقصان ۾ ئي رهندو.

اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي عرب ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪيو، ۽ سفارتي ذريعن سان ان سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ٽرمپ جي دور ۾ ٿيل "ابراهم اڪارڊ” تحت، گڏيل عرب امارات جهڙي ملڪ به اسرائيل کي تسليم ڪري چڪو هو، ۽ جيڪڏهن غزه وارو تڪرار نه ٿئي ها، ته ممڪن آهي ته سعودي عرب به ان ڏس ۾ اڳتي وڌي چڪو هجي. اڄ به جيئن ئي غزه واري جنگ بند ٿيندي، ڪيترائي عرب ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي تياري ۾ آهن. آمريڪي صدر به ان بابت صاف لفظن ۾ ڳالهائي چڪو آهي.انهن تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ويندي، ۽ کيس وچ اوڀر ۾ سياسي ۽ سفارتي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

تازو جڏهن ڀارت سان تڪرار پيدا ٿيو هو، ته ڏسڻ ۾ آيو ته اسرائيل ڀارت جي مدد ڪئي، ۽ ان جي پاسي تي بيٺو. جيڪڏهن پاڪستان اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري چڪو هجي ها ته شايد اسرائيل اهڙي يڪطرفي حمايت نه ڪري ها. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو اسرائيل سان ڪو سڌو تڪرار يا دشمني ناهي. پاڪستان فقط فلسطيني قوم جي حقِ خود ارادي جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جو مخالف اصول ناهي.اسرائيل به اهو شرط ناهي رکيو ته جيڪو به ملڪ ان سان لاڳاپا رکي، اهو فلسطيني حمايت تان هٿ کڻي. پاڪستان، اسرائيل کي تسليم ڪري به، فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکي سگهي ٿو، بلڪه شايد ان جي آواز کي وڌيڪ وزن ملي، ۽ هو ٻين فلسطيني حمايت ڪندڙ ملڪن سان گڏجي اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي سگهي.

اهو حيرت جوڳو عمل آهي ته پاڪستان، فلسطيني مسئلي جي نالي تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، جڏهن ته ڪشمير واري تڪرار باوجود ڀارت کي تسليم ڪري چڪو آهي. نه رڳو ايترو، پر ان سان سفارتي لاڳاپا به قائم ڪري، دهليءَ ۾ سفارت خانو به هلائي رهيو آهي. پاڪستان جي موجوده سفارتڪاري جو بنياد ئي اهو آهي ته ڀارت کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪيو وڃي.پر ڪنهن به سياستدان کان هي سوال ناهي پڇيو ويندو ته پاڪستان ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهين جو خواهشمند ڇو آهي؟ يا ڀارت کي تسليم ڇو ٿو ڪري؟ان جو واحد سبب اهو آهي ته اسرائيل بابت ملڪ ۾ هڪ رخا، بي بنياد نفرت، ۽ انتهاپسندانه تعصب جي فضا ٺاهجي وئي آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ نه ڪا حڪومت تيار آهي، نه ڪو اڳواڻ.پاڪستان جا حڪمران ۽ فيصلو ڪندڙ طبقا مسلسل دعويٰ ڪن ٿا ته ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي. پر انهن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته تعصب، نفرت، ۽ انتهاپسندي جي ماحول ۾ ڪابه اقتصادي واڌ يا ترقي حاصل نٿي ڪري سگهجي.اسرائيل خلاف نفرت بدران مثبت، حقيقت پسندانه، ۽ سفارتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ئي پاڪستان جي بهتر مفاد ۾ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.