اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ سرفراز احمد چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ مون لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز رهيو، 2006 ۾ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۽ 2017 ۾ چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ منهنجي ڪيريئر جا يادگار لمحا آهن.
هن چيو ته ساٿي رانديگرن، ڪوچن، گهر ڀاتين ۽ مداحن جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ٽيم جي ٽنهي فارميٽن ۾ قيادت ڪرڻ مون لاءِ خواب جي تعبير هو، مان سدائين سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ٽيم کي متحد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سدائين منهنجي دل جي ويجهو رهندي ۽ مان هر ممڪن طريقي سان راند جي خدمت ڪندو رهندس.
واضح رهي ته سرفراز احمد پاڪستان لاءِ 54 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ۽ 61 ٽي ٽونٽي ميچون کيڏيون، هن مجموعي طور 6164 رنسون ٺاهيون ۽ وڪيٽن پويان 315 ڪيچ ۽ 56 اسٽپمس ڪيا.
سرفراز 100 عالمي ميچن ۾ پاڪستان جي قيادت ڪئي، سندس قيادت ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي 2017 کٽي هئي، جڏهن ته 2006 ۾ سندس قيادت ۾ پاڪستان انڊر 19 ورلڊ ڪپ پڻ کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.