33 ٽو 39 آ بي اي پاس سنڌ جا نوجوان 2021 کان سراپا احتجاج آهن۔هنن نوجوانن ڪافي هنڌن تي احتجاج ‘اخبارن ۾ بيان ‘ مختلف ٽي وي چينل تي بيان ‘ سنڌ جي مختلف ايم اين سان ملاقاتون هر تعلقي ليول تي احتجاج , قومي اسيمبلي جي گيٽ جي سامهون احتجاج ۽ قومي اسيمبلي جي اندر ڪجهه ايم اين اي نوجوانن جي حق ۾ پڻ آواز اٿاريو آ۔ سوشل ميڊيا جي مطابق سيد ناصر علي شاهه صاحب کي صدر آصف علي زرداري صاحب چيو ته 33 ٽو 39 وارن نوجوانن جو مسئلو ڇا آهي ان کي حل ڪيو وڃي يا اوهان مان ڪو آ بي اي جي ٽيسٽ 33 تي پاس ڪري ويندو !
سوشل ميڊيا جي مطابق 33 ٽو 39 آ بي اي پاس اميدوارن جڏهن ادي فريال ٽالپر جي سامهون يا ان جي هائوس سامهون احتجاج ڪيو ته ادي فريال ٽالپر انهن نوجوانن کي هڪ ليٽر جاري ڪيو ته اوهان جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو يا ڪابينا کان حل ڪرايو ويندو۔سوشل ميڊيا جي مطابق سيد سردار علي شاهه صاحب لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي يا ان جي ورسي جي موقعي تي 33 ٽو 39 آ بي اي پاس نوجوانن ملاقات ڪري انهن کي چيائين ته صبر ڪريو جلد بازي نه ڪريو جتي 40 + پي ايس ٽي ڀرتي ٿي ويا آهن اتي ڀرتي ڪياويندا يعني 33 کان هيٺ لهي اينداسين يا جتي ضرورت هوندي اتي اسان پروسيس اڳتي وڌائينداسين باقي آءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان۔
سوشل ميڊيا جي مطابق 33 ٽو 39 آ بي اي پاس اميدوارن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ به هلي رهيو آهي جنهن جي جج صاحبان تاريخ تي تاريخ ڏئي رهيا آهن ۔شايد 11 آگسٽ تي وري ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي اميد آهي رب پاڪ نوجوان کي سرخرو ڪندو ۔نوجوانن جي ڪيس جا وڪيل شايد سجاد چانڊيو صاحب آهن۔
سنڌ جي نوجوانن جو صرف هڪ ئي مطالبو آته هڪ سنڌ هڪ پاليسي هڪ نظر يا جتي 40+ پي ايس ٽي مڪمل ٿي ويا آهن اتي ڀلي هيٺ لهي اچن جڏهن ته اڌ سنڌ جا نوجوان 32+33 آ بي اي پاس ٿي چڪا آهن ۽ نوڪري به سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽جڏهن ته اڌ سنڌ جا نوجوان ساڳيو ئي حق گهري رهيا آهن 33 ٽو 39 آ بي اي پاس ڪري نوجوانن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي جڏهن ته نوجوان اوور ايج به آهن ۽ هاڻي نوڪري لاءِ اهل نه هوندا ڇاڪاڻ ته هن وقت انهن جي عمر 35 سال کان 40 سال آ ۔سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد 28 سال کان 33 سال آ۔جڏهن ته هاڻ شايد پي ايس ٽي جي ٽيسٽ 2028 يا 2030 ۾ ٿئي ڇو جو هن وقت شايد تاريخ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي ڀرتي ڪئي وئي آ ۔
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه صاحب کي سنڌ جي نوجوانن 33 ٽو 39 وارن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ نوجوانن جي بي چيني ختم ڪرائڻ گهرجي جتي 40 + پي ايس ٽي پروسيس مڪمل ٿي ويو آ اتي هاڻ هيٺ لهي 33 ٽو 39 کي آفر آڊر جاري ڪرايا وڃن۔ (پاران سنڌ جا نوجوان 33ٽو 39 آ بي اي پاس )
غلام حيدر ميربحر