روهڙيءَ ۾ نوجوان واپاري قتل، زال زخمي، شٽر بند هڙتال، جوابدار مارجي ويو

روهڙي(رپورٽ: عبدالغفار ڇڄڻ)روهڙيءَ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان واپاري قتل ۽ سندس زال سخت زخمي ٿي پئي، واقعي خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، روهڙي ٿاڻي جي حد لالا شهزاده چوڪ ڪربلا ميدان روڊ تي پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي رهائشگاهه ويجهو آچر ۽ سومر جي وچ واري رات افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نامعلوم هٿياربند، واپاري رحمت الله عرف مهراب ڀٽي جي پٽ بلاول ڀٽي جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڌڻي تي حملو ڪري ڏنو، چيو وڃي ٿو ته جوابدار بجلي جي ٿنڀي ذريعي گهر جي ڇت تان اندر داخل ٿيو، گهر جي صحن ۾ ستل زال مڙس تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان واپاري بلاول ڀٽي ۽ سندس گهرواري انيلا ڀٽي سخت زخمي ٿيا، مزاحمت تي جوابدار بلاول ڀٽي کي ٽئين ماڙ تان هيٺ اڇلايو، جنهن سبب کيس سخت زخم رسيا، زخمي عورت جي رڙين تي پاڙيسرين ۽ سيد ناصر حسين شاهه جي گهر تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار جو گهيرو ڪيو ۽ هيٺ لهڻ تي مجبور ڪيو جنهن کانپوءِ شهرين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، ان کانپوءِ پوليس دعويٰ ڪئي ته جاڙي ماءُ واري هنڌ تي جوابدارن جي تلاشي دوران پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي پوليس پاران جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ننڍي پٽڻي جي رهواسي حبدار علي شيخ طور ڪئي وئي، ترجمان موجب پوليس مقابلي ۾ چار جوابدار هئا، هڪ مارجي ويو ٽي فرار ٿي ويا، مارجي ويل جوابدار وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقامي شهرين پوليس جي دعويٰ تي شڪ ظاهر ڪندي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي پاسي زخمي بلاول ڀٽي کي ڳڻتي واري حالت ۾ سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس ڪراچي ريفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ويو، نوجوان واپاري جي قتل جي خبر پکڙجڻ تي سڄي شهر ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، واپارين جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته شهرين، واپارين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ پراڻي بس اسٽينڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ نعريبازي ڪئي وئي شهرين، واپارين، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن پاران صوبائي وزير ناصر شاهه، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل کان مطالبو ڪيو آهي ته روهڙيءَ ۾ وڌندڙ ڏوهاري سرگرمين خلاف فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ڦرن، چورين ۽ لٽ مار جي وارداتن سبب ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن پوليس امن قائم رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، مظاهرين مطالبو ڪيو ته پوليس نظام ۾ سڌارو آڻي سخت نگراني ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.