راڻيپور/سيٺارجا(رپورٽ فياض حسين راڄپر+ارشد سهتو) اين پي پي سربراهه غلام مرتضٰي خان جتوئي تي هنڱورجا ٿاڻي تيموٽرسائيڪل 3000 ڦر سهولتڪاري ڪيس ۾ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ سوڀو ديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت سڳوري وڪيل لياقت جتوئي جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو محفوظ ڪيل فيصلي ۾ غلام مرتضئ خان جتوئي جو نالو ڪيس مان خارج ڪري باعزت بري ڪري ڇڏيو عدالت ٻاهران مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 27 ترميم اچڻ کانپوءِ ملڪ جو ماحول تبديل ٿي ويندو اصل حڪمران جيڪو چاهيندا اهو ئي ٿيندو هن وقت امن امان جي حالت تمام خراب آهي سنڌ بلوچستان ڪي پي ڪي جي صورتحال کان سڀ واقف آهيون،هن چيو ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي پارٽي ٺاهڻ تي ويلڪم ڪيون ٿا باقي سيد زين شاھ جي ڊي اي جو حصو آھي ذوالفقار جونيئر سياست جي شروعات ڪري چڪو آهي نوشهروفيروز ۾ چار پنج ايس ايس پي تبديل ٿيا آهن شايد هنن جي معيار ٿي نٿا لهن .