آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب سامهون 36 ڏينهن کان لاڳيتو ڪئمپ قائم ڪري ويٺل ماستري لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽپاس ڪندڙ اميدوارن جو ريڊ زون ڏانهن مارچ، پوليس جي وڏي نفري طلب،  پوليس احتجاجن ڪندڙن کي ريڊ زون م داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو ، احتجاجي مارچ جي اڳواڻي صدام سانداڻو، عبدالغفار ۽ خميس علي ڪري رهيا ھئا، پوليس سان چڪريون، پوليس رنڊڪون هڻي روڪي ورتو، اميداورن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ مسلسل 36 ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڪئمپ قائم ڪري ويٺل آهيون پر ڪو به حڪومتي نمائندو ڳالهين لاءِ نه آيو آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم ۽ ڪابينا جي فيصلي باوجود ڀرتين جو وقت ضايع ڪري نظر انداز ڪيو ويو آهي، ھنن چيو تھ جيسيتائين حڪومت ڀرتين جو مدو وڌائي 40 ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙن کي آفر جاري نه ڪندي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.