پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري، احمد بڇر ۽ احمد چٺا نااهل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري، ايم اين اي محمد احمد چٺا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ احمد بڇر جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ته اعجاز چوڌري کي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ڏوهي قرار ڏئي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي، هو آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت سينيٽ ميمبر هجڻ جي اهل ناهي رهيو. اليڪشن ڪميشن طرفان ايم اين اي محمد احمد چٺا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر احمد خان بڇر جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت احمد چٺا ۽ احمد خان بڇر کي ڏوهي قرار ڏيندي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي، احمد چٺا اين اي 66 وزيرآباد ۽ احمد خان پي پي 87 ميانوالي مان ميمبر چونڊيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.