ڏوهن بابت سوشل ميڊيا تي بي بنياد تنقيد پئي ٿئي:ضياءَ لنجار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، اھڙي ذميواري سنڌ حڪومت هر قيمت تي پوري ڪندي.اھڙيون ڳالھيون ھن گذريل ڏھاڙي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شارق جمال جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيون، جنهن ۾ ميمبر ماڊل ڪالوني ۾ ڏوهن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي عجيب ۽ بي بنياد تنقيد ٿي رهي آهي، اسان ڏوهن جي تناسب کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جو تناسب يقيني طور تي ڪنھن حد تائين گهٽجي ويو آھي، ان حوالي سان اسان واپارين سميت سول سوسائٽي سان ڳالهايو آهي. گهرو وزير چيو ته اسان ٽريفڪ قانونن ۾ ترميم ڪري رهيا آهيون،  پوليس نظام کي تمام گهڻو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.