اسلام آباد(م ڊ) غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اعلان ڪيو آهي ته حڪومت سڀني شگر ملز جي اسٽاڪن جي سخت نگراني ڪندي، ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته راڻا تنوير حسين پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پي ايس ايم اي) ۽ چئني صوبن جي اهم اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ کنڊ جي فراهمي جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ هن ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ويو ته ڪيتريون ئي شگر ملز طئي ٿيل معاهدي تحت کنڊ جي فراهمي ۽ اسٽاڪ جاري ڪرڻ تي عمل نه پيون ڪن، ڪيترائي ڀيرا يقين ڏيارڻ باوجود کنڊ جي وقت تي فراهمي ۽ دستيابي ۾ رڪاوٽون برقرار آهن، صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي، وفاقي وزير اعلان ڪيو ته هاڻ حڪومت سڀني شگر ملز جي اسٽاڪن جي سخت نگراني ڪندي، ان مقصد لاءِ هر شگر ملز تي سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا ويندا، جيئن کنڊ جي اسٽاڪ جي صورتحال جي نگراني ڪري سگهجي ۽ کنڊ جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، اجلاس ۾ شگر ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين به شگر مل مالڪن کي درپيش مسئلن ۽ خدشن جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت انهن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي، ان سلسلي ۾ شڪايتن واري ڪميٽي جي قيام جي هدايت جاري ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ واٽس ايپ گروپ به ٺاهيو ويندو، جيئن روزاني بنياد تي حڪومت ۽ شگر انڊسٽري جي وچ ۾ مؤثر رابطي جو سلسلو قائم رهي، راڻا تنوير حسين جو چوڻ هو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ وافر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، معاهدن جي ڀڃڪڙي يا لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، اسان صنعت سان گڏجي جائز مسئلا به حل ڪنداسين، وزارت هن عزم جو ورجاءُ ڪيو ته کنڊ جي اسٽاڪ جي شفاف نگراني، قيمتن جي استحڪام ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ويجهڙائيءَ واري رابطي ذريعي صارفين ۽ ملز وارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو، ٻئي پاسي حڪومت پاران کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا ۽ پرچون قيمت 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪرڻ باوجود عوام کي سستي کنڊ ميسر ناهي، کنڊ اڃا تائين هول سيل ۾ 174 رپيا في ڪلو تي وڪرو ٿي رهي آهي ۽ پرچون ۾ 180 کان 190 رپيا في ڪلو تائين ملي رهي آهي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪيترين ئي بازارن مان کنڊ غائب ٿي چڪي آهي، جنهن سبب عوام کي بازارن جا چڪر ڪاٽڻا پئجي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ڪٿي ڪٿي وري کنڊ جو في ڪلو 210 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.
کنڊ اسڪينڊل ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ملوث آهن: عمر ايوب
پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب الزام لڳايو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڪئي پئي وڃي، کنڊ اسڪينڊل ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ملوث آهن، جن اربين رپيا ڪمايا آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته حڪومت پهرين 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪئي، ان کان پوءِ 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي، ملڪ ۾ مهانگائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، بجلي جو بل جيڪو اڳ 1500 رپيا هوندو هو، اهو هاڻ 15 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي، پيٽرول، گئس ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نگران دور حڪومت ۾ 450 ارب رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث آهي، ان خلاف نيب جو ڪيس ٺهي ٿو، محسن نقوي 450 ارب رپين جي ڪڻڪ جو حساب ڏئي، راڻا ثناالله اي اين ايف کان يا ته معافي وٺي يا ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف کان ثبوت گهري، هن چيو ته عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي سان جيل ۾ خراب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، 5 آگسٽ تي پرامن احتجاج ڪيو ويندو،
اسحاق ڊار شگر ايڊوائزري بورڊ جو ميمبر ناهي: عطا تارڙ
اسلام آباد(بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ واضح ڪيو آهي ته اسحاق ڊار شگر ايڊوائزري بورڊ جو ميمبر ناهي، ان بابت اهڙي خبر درست ناهي، ڪيترائي ماڻهو بنا تحقيق جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ ۾ هڪ سوال پڇيو ويو، جنهن جو کاتي طرفان لکت ۾ جواب ڏنو ويو، هائوس جي فلور تي غلط بياني جي ڪا گنجائش ناهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ۾ ڪرپٽو ڪرنسي بابت هڪ نظام واضح ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪائونسل ۽ ان سان لاڳاپيل قانون ٺاهيا ويا آهن، پاڪستان ۾ ڪرپٽو جي هڪ واڌ ويجھه آهي، اسان جي دشمن، ڪرپٽو تي سوال اٿاريا، مفتاح اسماعيل جو به اهوئي بيانيو آهي جيڪو ڀارت ڏئي رهيو آهي، ڪرپٽو بابت باقاعده قانون ۽ ضابطا ٺاهيا ويا آهن، هڪ اڀرندڙ شعبي بابت بغير تحقيق ڳالهائڻ دشمن جي ايجنڊا آهي، پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان معاملي تي حڪومت سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري رهي آهي.