ڀارت (م ڊ) اڳوڻي ڀارتي گهرو وزيرپِي چدمبرم انڪشاف ڪيو آهي ته ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشت گرد حملي ۾ ڀارت جا شهري ملوث هئا، جيڪي ڀارت مان دهشت گردي جي تربيت وٺي چڪا هئا.هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڀارتي گهرو وزير چيو ته جاچ دوران پاڪستان جي مداخلت جو ڪو به ثبوت ناهي مليو ۽ اهو حملو مڪمل طور تي اندروني سطح تي رٿيل هو. چدمبرم چيو ته ڀارت کي پنهنجي داخلي سلامتي بابت جوڳا قدم کڻڻ گهرجن، ڇو ته دهشتگردي جي واڌ ڀارت جي اندر ئي ٿي رهي آهي. هن چيو ته مودي جنگ ۾ ڀارت کي پهتل نقصان ڇو پيو لڪائي. جنگ بندي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار آهي ته ان جو اعتراف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير جي انڪشافن کانپوءِ نوان سوال اڀري آيا آهن ته نيٺ ڀارتي سيڪيورٽي ادارا ملڪ اندر دهشتگردي جي روڪٿام ۾ ناڪام ڇو رهيا آهن؟ ان بيان سان پاڪستان جو اهو موقف پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، جنهن ۾ هميشه چيو ويو آهي ته دهشتگردي سان ان جو ڪو واسطو ناهي.