سکر( رپورٽ:اظھر علي دايو) سنڌو درياءَ تي تونسا گڊو بئراجن وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ سکر، چشما،ڪالاباغ بئراج ۽ تربيلا ڊيم وٽ ھيٺاھين درجي واري ٻوڏ ،وھڪرن ۾ تيزيءَ سان واڌ ڪچي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا لڏ پلاڻ شروع خبر موجب سنڌو درياءَ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر پاڻي جي وھڪرن ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ گڊو بئراج ،تونسا بئراج وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ ٿي وئي آهي گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 15ھزار 466 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 78ھزار 50ڪيوسڪ تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 98ھزار886 ڪيوسڪ آهي ھيٺيون وھڪرو 3 لک 92ھزار 386 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته سکر بئراج تربيلا ڊيم چشما بئراج ۽ ڪالاباغ بئراج وٽ ھيٺاھين درجي وارو چاڙهه ھلندڙ آھي ھن وقت سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 29ھزار 122ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2 لک 70ھزار22 ڪيوسڪ چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 36ھزار 792ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 3 لک 17ھزار 861ڪيوسڪ, ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 3 لک 186ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2 لک 92 ھزار 899 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته تربيلا ڊيم ۾ پڻ ھيٺاھين درجي وارو چاڙهه آهي جتي پاڻي جي آمد 2 لک 85ھزار900 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 2 لک 57 ھزار 800 ڪيوسڪ آهي. ڊيم جي ليول 1536.0فوٽن تي پھچي وئي آهي.سنڌ درياءَ پاڻي ۾ واڌ کانپوءِ ڪچي جا علائقا پاڻي جي تيز وھڪرن سبب تيزيءَ سان ٻڏڻ جي ڪري ڪچي جي ڳوٺن مان ماڻھو لڏ پلاڻ شروع ڪري محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن