غزا ۾ گولي۽ بک فلسطينين جي قاتل، 55 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ) غزا ۾ بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سببوڌيڪ 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزا ۾ بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن سميت وڌيڪ 14 فلسطيني دم ڏئي ويا آهن، جنهن کانپوءِ بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ هاڻ 147 ٿي ويو آهي..رپورٽ موجب سال 2025 ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب 74 فلسطيني شهيد ٿيا، جن مان رڳو جولاءِ مهيني ۾ 63 فلسطيني بک ۽ غذائي کوٽ سبب فوت ٿيا.ٻئي طرف، خوراڪ جي ڳولا  ۾ نڪتل فلسطيني شهرين تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن،   جن ۾ وڌيڪ 41 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيل خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪتل فلسطينين تي حملا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.