ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھ آباد جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماء ماهم عرف مريم يوسف زئي کي نوڪري ڏيڻ جي بهاني گهرائي کيس بااثرن عبدالحڪيم آريسر ۽ مڪيش تلواڻي پاران مبينا طور اجتماعي زيادتي جو شڪار بنائڻ واري ڪيس ۾ 3 ڏينهن اڳ متاثر عورت پاران پوليس اڳيان ڏنل پنهنجي ويڊيو بيان ۾ ساڻس ڪا به اجتماعي لڄالٽ نه ٿيڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ واري بيان بعد عورت جو سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بيان وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ هن الزام هڻندي چيو آهي ته وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري کيس ۽ سندس ڀيڻ کي زوري کڻي وڃڻ بعد ڀيڻ کي ڪنهن ٻي هنڌ رکي کيس چيو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ اجتماعي لڄالٽ نه ٿيڻ جو بيان رڪارڊ ڪرائي ٻي صورت ۾ تنهنجي ڀيڻ لي قتل ڪري ڇڏينداسون جنهن ڪري مجبور ٿي اهڙو بيان ڏنو هن چيو ته آئون اڄ به پنهنجي پهرين بيان ۽ اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس تي قائم آهيان هن چيف جسٽس، آئي جي سنڌ، سياسي سماجي مذهبي ۽ سول سوسائٽي سميت انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ پوليس جي زيادتي ۽ ظلم خلاف منهنجو ساٿ ڏيندي مونکي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻيطرف اطلاع آهن ته متاثر عورت واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاء عدالت کان رجوع ڪرڻ لاء سنڌ هاڻي ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ درخواست دائر ڪئي پئي وڃي