سوال عمران خان جو، جواب وري عافيه جو!، اسحاق ڊار تي سخت تنقيد

واشنگٽن (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪا ۾ هڪ ٽي وي کي انٽرويو دوران عمران خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي گرفتاري بابت جواب ڏنو، جنهن تي کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، عمران خان جي گرفتاري بابت سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته هر شيءِ کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، مثال طور جيڪڏهن مان عافيه صديقي جي ڳالهه ڪيان، جيڪا ڏهاڪن کان آمريڪا ۾ قيد آهي، خدا ڄاڻي  ڪيستائين هتي رهندي، ته جيڪڏهن قانون تي عمل ڪندي عافيه صديقي کي سزا ڏني وئي، جيڪڏهن مان ان فيصلي تي تنقيد ڪريان ته اهو غلط ٿيندو، اسحاق ڊار جي هن جواب تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ڊاڪٽر وقاص نواز سوشل ميڊيا تي لکيو ته سڀ کان بدترين شيءِ اها منافقت آهي، پاڪستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو عوامي طور تي ته ڊاڪٽر عافيه جي خاندان سان همدردي جو ناٽڪ ڪندا آهن، جڏهن ته نجي طور تي ڊاڪٽر عافيه جي تڪليف کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي پنهنجي طرفان ٿيندڙ ڀڃڪڙين جو جواز پيش ڪندا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ انجنيئر نويد لکيو ته عمران خان جي غير قانوني ۽ غير آئيني قيد جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار، منصفاڻو ٽرائل نه ٿيڻ باوجود، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي گرفتاري ۽ سزا جو دفاع ڪيو، سيده صفوي لکيو ته اهي (حڪومت) دنيا کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ته اهي صحيح آهن، ڪجهه به چئي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.