صحافي ۽ ٽريفڪ پوليس سان بدتميزي ڪندڙ ايف بي آر آفيسر معطل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪراچي ۾ صحافي ۽ ٽريفڪ پوليس سان بدتميزي ڪندڙ ايف بي آر آفيسر کي معطل  ڪيو ويو آهي،فيصل واوڊا پنهنجي بيان ۾ ايف بي آر چيئرمين طرفان آفيسر خلاف برطرفي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي، سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته ويل ڊن چيئرمين ايف بي آر، هي توهان جي نيڪ نيتي جو اظهار آهي،  چيئرمين ايف بي آر سٺو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، پر جڏهن سڄو نظام بگڙيل هجي ته وقت لڳندو آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي روڊ تي بغير نمبر پليٽ واري سرڪاري گاڏي ۾ گهمندڙ ايف بي آر آفيسر جي صحافي ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان بدتميزي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.