صدر زرداري ی جي سالگرهه جون تقريبون، ايوان صدر ۾ به ڪاٽيو ويو

ڪراچي/اسلام آباد/ لاهور(نمائندا/ م ڊ) صدر آصف علي زرداری جي 70 هين سالگرهه ملهائي وئي، ان موقعي تي پاڪستان  پيپلز پارٽي پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، مٺي، ٽنڊومحمدخان ۽ بين شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، صدر آصف علي زرداري جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي ۽ سٽي نئون ديرو طرفان ٽائون هال نئون ديرو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، نثار مراد ڀٽو، محمد محسن مشوري، منصور سومرو، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، عبدالخالق ڀٽو، سرفراز ميراڻي، اصغر ناريجو، سنديپ ڪمار، ليڊيز ونگ جي نصيبان چنه، بشيران موهل،مرادان چانڊيو، ظهرا بلوچ سميت پارٽي جي عورت توڙي مرد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ صدر جي صحت، تندرستي ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي، ٽنڊوالهيار ويجهو بڪيرا شريف ۾ کوکر هائوس تي صدر زرداري جي 70 هين سالگره ملهائي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ذوالقرنين کوکر پاران ڪوٺايل تقريب ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري باغي غلام محمد ڪنڀار، تعلقه صدر غلام قادر دل، جاويد جمن لنڊ، عبدالستار گهراڻو، شڪور ڪنڀار، وارث کوکر، حبدار لنڊ سميت پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوابشاهه ۾ مرڪزي تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداری، ضلعي صدر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اسلام آباد ۾ سينٽرل سيڪريٽريٽ پ پ هائوس ۾ به تقريب ٿي، جنهن ۾ خاص مهمان نيئر حسين بخاري هو، لاهور ۾ هڪ پروقار تقريب مقامي هوٽل ۾ ٿي، جتي 70 پائونڊ وزني ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن ته ايوان صدر ۾ به تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري،سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني،محسن نقوي ۽ ٻين سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.