ڊالر جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ آءِ ايس آءِ کان مدد طلب

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)غير ملڪي ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين ملڪ جي خفيه اداري آءِ ايس آءِ کان ڊالر جي اسمگلنگ روڪڻ ۾ مدد طلب ڪئي آهي.ايڪسچينج ڪمپنين جي نمائنده تنظيم ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين جو دعويٰ آهي ته ان حوالي سان تنظيم جي وفد آءِ ايس آءِ جي ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.اداري جي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وفد آءِ ايس آءِ جي اختيارين کي ملڪ اندر ڊالر جي صورتحال بابت خاص طور تي قيمت ۾ واڌ جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ۽ ان واڌ جو سبب ڊالر جي اسمگلنگ کي قرار ڏنو.بيان  موجب، جون جي شروعات ۾ ڊالر جي قيمت 282 رپيا هئي، جيڪا وڌي جولاءِ 22 تي 285 رپيا تائين پهتي. ان ڏينهن وفد جي ميجر جنرل فيصل نصير سان ملاقات ٿي.بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڊي جي سي وفد جون تجويزون غور سان ٻڌيون ۽ چيو ته هو ان معاملي تي حڪومت سان ڳالهايو ويندو، گڏوگڏ لا اينفورسمنٽ ايجنسين کي حڪم ڏنو ته ڊالر اسمگلرن خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.ايڪسچينج ڪمپنيز جو چوڻ آهي ته ڪرنسي اسمگلر ايران ۽ افغانستان ڏانهن ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جي اسمگلنگ ۾ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن. بيان مطابق، وڏن شهرن ۾ ايڪسچينج آفيسن جي ٻاهران بليڪ مارڪيٽ جا ڪارندہ گراهڪن کي وڌيڪ اگهه ڏئي قانوني ايڪسچينج جي بجاءِ بليڪ مارڪيٽ مان ڊالر خريدڻ تي مجبور ڪن ٿا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته بليڪ مارڪيٽ ۾ ملهه وڌڻ سبب قانوني مارڪيٽ ۾ ڊالر جي فراهمي ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، جڏهن ته ايف بي آر طرفان 2 لک رپين کان وڌيڪ نقد رقم تي ٽيڪس جي ڪري به ڪسٽمر بليڪ مارڪيٽ جو رخ ڪن ٿا.تنظيم طرفان تجويز ڏني وئي ته حڪومت 2000 ڊالر تائين خريداري تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي ته جيئن ڊالر جي طلب گهٽجي ۽ قيمت ۾ استحڪام اچي،ملڪ بوستان موجب، ملاقات کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 2 کان 3 رپين تائين گهٽجي وئي آهي. انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 284.97 رپين تان گهٽجي 283.45 رپيا ٿي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ به قيمت 288.60 رپين تان گهٽجي 286.55 رپيا ٿي وئي.مالياتي ماهرن مطابق، ڊالر جي قيمت ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ جي اصول تي هلندي آهي، صرف انتظامي قدم وقتي اثر ڏياري سگهن ٿا. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر عديل ملڪ چيو ته آءِ ايس آءِ جهڙي اداري جي روزاني معاشي مامرن ۾ مداخلت بين الاقوامي سطح تي مثبت تاثر نه ڏيندي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي فيصلا سياسي قيادت بدران فوج ڪري رهي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.