پاڪستان ۾ انساني حقن جي نازڪ صورتحال،ايڇ آر سي پي به دٻاءُ هيٺ:جرمن خابرو ادارو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستا) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ايڇ آر سي پي کي غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻي قدمن جي هڪ جاري سلسلي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن سبب تنظيم جي پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي آهي،تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق جرمن نشرياتي اداري ڊي ڊبليو (DW) سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غيرمعمولي دٻاءُ هيٺ آهيون. حڪومت اسان کي تقريبون ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، ۽ رڪاوٽون وڌي رهيون آهن. ايڇ آر سي پي جي لاهور آفيس کي بند ڪيو ويو آهي، اسان تي واپاري سرگرمين جو الزام لڳائي اسان جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن، بجلي جا ميٽر بند ڪري، غيرضروري بِل موڪليا ويا آهن،تنظيم جي مطابق، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انهن جي منعقد ٿيندڙ ايونٽن کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته عملي کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته "حساس”  سمجهيل موضوعن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. حارث خليق جو چوڻ آهي ته، ”اسين رياست جي اکين ۽ ڪنن جو ڪم ڪريون ٿا، پر اسان کي سيڪيورٽي ادارن جا نمائندا ۽ گهرو وزارت سان لاڳاپيل ماڻهو اسان جي عورت عملي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ايڇ آر سي پي  پاران لڳايل الزام رد ڪندي چيو ته، سيڪيورٽي سببن جي ڪري هر تقريب لاءِ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر (SOP) لاڳو آهن. اسين اظهار راءِ جي آزاديءَ تي پابندي ناهي لڳائي، هن وڌيڪ چيو ته آن لائن تقريبون جاري آهن ۽ انهن تي به ڪا پابندي ناهي.ايڇ آر سي پي جي باني ۽ موجوده ڪائونسل ميمبر حنا جيلاني چيو ته حڪومت اسان جي سرگرمين کي بند ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي. اسان جي تقريبن کي روڪيو پيو وڃي ۽ اهڙا قانون آڻي رهيا آهن، جيڪي اسان جي مالي شفافيت ۽ خودمختياريءَ کي متاثر ڪري سگهن ٿا.“انساني حقن جي سرگرم وڪيل ايمان مزاري چيو ته، ”پاڪستان مڪمل طور تي آمريت جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي. نه ڪاآزاد عدليا بچي آهي، نه ميڊيا، وڪيلن جي تنظيمن کي ختم ڪيو ويو آهي، ۽ سول سوسائٽيءَ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. اسان مارشل لا جي حالت ۾ آهيون.هن وقت پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن ۾:جبري گمشدگيون (خاص ڪري بلوچستان ۾)سياسي آزادي تي پابنديون،پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تي ڪيس، گرفتاريون،فوجي عدالتن ۾ سياسي ڪيس سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عدليا تي دٻاءُ،قومپرستن، خاص طور بلوچ ڪارڪنن خلاف آپريشن، بلوچ ڪارڪن ماهرنگ بلوچ کي مارچ 2025ع ۾ دهشتگردي، قتل ۽ بغاوت جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.