اسلام آباد(انصار عباسي)فوج پاران 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل(ر)فيض حميد جي مبينه ڪردار جي جاچ جي اعلان جي ڪيترن ئي مهينن بعد به هن خلاف ان واقعي جي حوالي سان هيل تائين ڪو باضابطا الزام ناهي مڙهيو ويو،هڪ سيڪيورٽي عهديدار ٻڌايو ته جنرل فيض جي ڪيس ۾ ڪجهه نئون ناهي،جيئن ئي ڪجهه مليو ته اسان توهان سان شيئر ضرور ڪنداسين،جنرل فيض جي وڪيل ميان علي اشفاق هڪ انگريزي اخبار کي ٻڌايو ته 9 مئي جي واقعن ۾ اهڙو ڪو رڪارڊ يا شهادت موجود ناهي جيڪا هن جي اصيل جو ڪردار ثابت ڪري سگهي،هيل تائين جيترو به رڪارڊ پڙهيو يا ڏيکاريو ويو آهي ان ۾ اهڙو ڪجه به ناهي جيڪو جنرل فيض جو ان واقعي سان تعلق ظاهر ڪري،آءِ ايس پي آر اڳ ۾ ئي اهو بيان ڏئي چڪي آهي ته جنرل فيض جو مبينه ڪردار 9 مئي جي واقعن ۾ ”سياسي مفادن“ سان گڏ الڳ سان جاچ هيٺ آهي، پر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود هيل تائين ان جا ڪي تفصيل سامهون ناهن آندا ويا،فيض حميد کي 12 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو،