لاهور(بيورو+م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هاڻي بهتري طرف وڃڻ گهرجي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ تشدد واري سياست تي يقين نٿي رکي، پي ٽي آءِ جي سڀني ماڻهن صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته بدقسمتي سان ڳالهين جو عمل اڳتي نه وڌي سگهيو، پر مان سمجهان ٿو ته هاڻي بهتر طرف وڃڻ گهرجي، چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 39 پارلياماني ميمبر نااهلي جي خطري هيٺ آهن، جيڪو قدم جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي،ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته جمشيد دستي کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو هو.
-
بنگلاديش جو اڳوڻو چيف جسٽس قتل جي ڪيس ۾ گرفتار
ڍاڪا(م ڊ)بنگلاديش جي اڳوڻي چيف جسٽس اي بي ايم خيرالحق کي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس، اڳوڻي چيف جسٽس کي سندس گهر مان گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ ڍاڪا جي عدالت خيرالحق کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، اڳوڻو ججخيرالحق گذريل سال شاگرد تحريڪ دوران هڪ نوجوان جي قتل واري ڪيس ۾ نامزد آهي، هن خلاف ڪيس بنگلاديش نيشنل پارٽي جي اڳواڻ داخل ڪرايو، جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس خيرالحق، اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه سميت 465 ماڻهو نامزد آهن، ياد رهي ته بنگلاديش جي اڳوڻي چيف جسٽس خيرالحق خلاف بغاوت ۽ فراڊ سميت 3 ڪيس داخل آهن.