اوٻاوڙو/رائونتي (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ + برڪت علي گھنڃو) اوٻاوڙي لڳ سنڌ پنجاب جي سرحدي دنگ ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ گھر ڌڻي پيء پٽ قتل ٿي ويا.سنڌ پنجاب جي سرحدي ڪچي واري علائقي ماڇڪي ٿاڻي حد ۾ ڏھن کان وڌيڪ ھٿيار بندن جو ڳوٺ سليمان ماڇي تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جان محمد سيلرو ۽ سندس پُٽ پير بخش سيلرو موقعي تي ئي قتل ٿي ويا. اطلاع باوجود ماڇڪو پوليس واقعي واري ھنڌ دير سان پھتي. فوتين جا لاش تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايا ويا. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ھڪ ئي گھر ۾ پي ۽ پٽ جا لاش پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. واقعو شر۽ سيلرا تڪرار تان پيش اچڻ جو ٻڌايو پيو وڃي