سنڌ ۾ ٻوڏن جي انتظام جا ست محاذ

تحرير: محمد احسان لغاري

 پاڪستان ھڪ ڀيرو وري چؤماسي سان لاڳاپيل ٻوڏن جي  گهيري ۾ آهي۔ ٻوڏ وگهي اقتصادي نقصانن سان گڏ ۲۴ جولاءِ تائين ۲۵۲ وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن۔ ھن دفعي مٿين علائقن ۾ وڌيڪ گرمي جي پد  ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ برساتن جون اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون جيڪي ھيل تائين صحيح ثابت ٿيون آھن۔ اڃان ٻوڏن جي مند جو پورو مھينو ۽ ڪجهه ڏينھن پيا آھن۔ لاڙ ۽ کيرٿر ۽ ڪوھ سليمان تي پڻ عام حالتن کان وڌيڪ مينھن جون اڳڪٿيون پڻ ٿيل آھن؛ ان ڪري باقي موسم ۾ ھر ٻوڏ واري خطري کي چڱي ريت ڏسڻ جي ضرورت آھي۔ ان حالتن ۾ سنڌ جي ستن اھم محاذن تي ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪجي.

پهريون محاذ: درياھي ٻوڏ

سنڌو ۾ چار لک ڪيوسڪ پاڻي وھڪرا تونسا بئراج کان ھيٺ وھي رھيو آھي۔ درياھي ٻوڏ گھڻي حالتن ۾ اوچتو نه ٿي اچي۔ سنڌ گھڻو ڪري ان ڏس ۾ اڳ ئي تيار ھوندي آھي۔ 2010 ۾ ڪوھ سليمان جي نين مان جھجھو پاڻي اچي ويو۔ ان تجربي کان پوءِ، پنجاب آبپاشي کاتو انھن ۾ وڌندڙ پاڻي کي ڏسندو رھي ٿو ۽ سنڌ آبپاشي کاتي کي وقت سر ماپون ملنديون رھن ٿيون۔ ٻيو اھو ته بندن سان خطرناڪ ھنڌن جي پڻ ميپنگ/نقشا تيار ڪيل آھي۔ پر ڪجهه ٻيا اھم پھلو آھن جن تي غور ڪرڻ ضروري آھي۔ جيئن نيدرلينڊ جي حڪومت جي طرفان 2023 ۾ ٻڌايو ويو ته پلن جي سوڙھي ھجڻ جي ڪري ٻوڏ جي پاڻي جو دٻاءُ وڌيو آھي. ھاڻ 2010 جي مقابلي ۾ گھٽ ٻوڏ جي مقدار تي سطح وڌيڪ ڏيکارجي ٿي؛ ڪچي جي زميندارن جن 2010 جي وڏي ٻوڏ جي حساب سان اھي نشان ھنيا ھئا سي پڻ ان ڳالھ جي تصديق ڪن ٿا۔ درياھي پيٽ مٿي ٿيو آھي۔ اڃان به ننڍا زمينداري بند يا ٻُنڊا موجود آھن، ڪچي جي زرعي ھئيت پڪي جي زراعت جيان ڪئي وئي آھي ۔ اھڙين رڪاوٽي شين کي ڏسڻ جي ضرورت آھي۔ درياھي بندن ۾ سليوس ، شھرن جي ويجھو بندن جي کُڙي، سلوپ ۽ ڪن حالتن ۾ بندن تي گھر اڏيل آھن، جيڪي بندن جي چؤڪسي ۾ ڏکيائي ڏئي سگھن ٿا۔   سمجھڻ گھرجي ته درياهه جي وهڪرن جو رخ، بي ترتيب اڏاوتن، سوڙھين پلين، ۽ زراعت لاءِ ٺاهيل ننڍن بندن جي ڪري متاثر ٿئي ٿو. درياهه جي قدرتي وهڪرن جي ويڪر جو گھٽجڻ، وڏن شهرن ويجهو بندن تي سوڙھ، ۽ ڪن علائقن ۾ بدامني صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير  ڪري ٿي.

درياهي ڳوٺن جي پڪي جي شهرن سان دمدمن واري رستن   تي نظر رکڻ ضروري آهي. بندن جي مسلسل چؤڪسي، ڀر واري برادرين سان رابطو، لانڍين جو نظام، درياھ جي مرڪزي وھڪري جو بندن کان مفاصلو، جنھن کي آرڊينيٽ چئبو آھي، گيجن وسيلي يا ان کان سواءِ ڪٿي ڪٿي ڪھڙي بند کي پاڻي لڳو آھي، اھي سڀ اھم آھن، جن جي آبپاشي جي عملي کي ڀلي ڀت ڄاڻ آھي؛ بند مينيول، ٻوڏن جي تجربيگار انجنيئرن جون صلاحون، ماڻھو۔مشينري۔مٽيريل جو ھجڻ، درياھ جي پائڻ واري عمل تي مڪمل چوڪسي ۽ بچاءُ، ڪجهه بنيادي ڳالھيون آھن جن کي نوجوان انجنيئر ھيئين سان ھنڊائين۔ انھن محنتن کي ڌڻي قبول ڪندو ۽ پاڻي وڃي سمنڊ کي سلامي ٿيندو۔

ٻيون محاذ: فليش فلڊز (Flash Floods)

سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي تي موجود علائقا، خاص طور تي فلڊ پروٽيڪشن بند (FP) ۽ لاڳاپيل بندن جو سرشتو جبلن کان ايندڙ نين جي تيز رفتار وھڪرن جي گھري ۾ رھيو آھي؛ -1994-95 کان اڄ تائين ڪيئي ڀيرا اتي فلش ٻوڏون آيون آھن۔ 2022 جي ٻوڏن کان پوءِ اتي عالمي بئنڪ جي سھڪار سان ڪافي ڪم ٿيو آھي؛ اميد ته ھيل ڪجهه بھتر حالتون ھونديون۔ حمل کان منڇر تائين سون ميلن جو مفاصلو پاڻي گڏائي ڇڏيندو آھي؛ ان تي مڪمل نظرداري، 2022 يا 2010 جي ٻڏل شھرن ۽ وسندين کي بچائڻ لاءِ ھنگامي رنگ بندن جي تياري، پاڻي لاءِ گھٽ نقصان ڏيندڙ رستا، آخري ٻوڏن جي حساب سان اپڊيٽ/واڌارو آندل نقشا ۽ تعلقي سطح تي سھڪاري نظام کي ھاڻ سان برپا ڪرڻ گھرجي۔ ساڄي پاسي جو آبپاشي جو چيف انجنيئر  مختيار ابڙو ھڪ قابل ۽ تجربي ڪار پروفيشنل آھي. اتان جي درياھي يا فلش ٻوڏن ۾ سندس صلاحيتون اھم آھن۔انهن علائقن ۾، هنگامي بنيادن تي شهرن جي چوڌاري حفاظتي رنگ بند، ۽ ڳوٺن جي لڏپلاڻ جا رستا اڳواٽ طئي ڪرڻا پوندا.

ٽيون محاذ: LBOD وارو علائقو ۽ ماضيءَ جا سبق

ليفت بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) وارو علائقو برساتي موسم ۾ هميشه خطري ۾ رهيو آهي. 2020 ۽ 2022 ۾ ظاهر ٿيو ته ڪيترائي علائقا، ”پاڻي جي پاڪيٽن“  جي صورت ۾، مسلسل متاثر ٿين ٿا. اسپائينل ڊرين جنھن ڍورو پراڻ جي وھڪرن کي مختلف جاين تي ڪٽيو ھو، ان کي سائيفن ( ڊرين يا واھ ھيٺان ڪنھن ٻي پاڻي جو اڏاوتي لنگهه) سان ملائڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي آھي۔

ھڪ ريگيوليٽر پڻ جوڙيو ويو آھي۔ اتي لينڊ اڪيوزيشن/ زمين سرڪاري ڪم لاءِ خريد ڪرڻ جا مسئلا آھن، ھاڪڙي جو لنگهھ پڻ نئون ڪوٽ وٽ سوڙھو آھي۔ ان سان گڏ پوري ايل بي اوڊي سسٽم جي صفائي، چوڪسي ۽ ٻيو بچاءُ واراعمل اھم آھن۔ 2013 واري پلان کي اپڊيٽ به شايد آبپاشي کاتي ڪيو آھي؛ ان جي سائنسي ۽ انتظامي اھميت ڏسي ڪم  ڪرڻ کپي۔ ھڪ ٻي ڳالھ پاڻي جي تڪڙي نيڪال لاءِ آبادگار پنھجون ٻنيون ڇنڊائڻ لاءِ ڊرينن  ۽ ڪڏھن ته واھن ۾ ڪٽ ھڻندا آھن؛ پوءِ مٿان ايندڙ پاڻي کين ئي ٻوڙي ڇڏيندو آھي! پاڻي جي نيڪال ۽ ڊرين جي پاڻي کڻڻ ۾ وقت لڳندو آھي۔

اڄوڪي صورتحال ۾، 2025 جي برساتن لاءِ تڪڙي ڊرينن جي صفائي، ۽ هنگامي نيڪاسيءَ جا پلان لازمي آهن. 2011 ۽ 2022 جي مقامي تجربن جي بنياد تي اميد ته رٿابندي ڪئي وئي آھي.

چوٿون محاذ: ڊرينيج کان محروم علائقا

ڪجهه علائقا، جهڙوڪ مٺڙائو ۽ کپرو ڪينال جي وچ وارا علائقا، عمرڪوٽ،  ٺري ميرواھ کان فيض گنج تائين، ۽ اھڙا ٻيا علائقا جتي اڃا ڪوبه  به نيڪاليءَ واري بنيادي ڍانچو ناھي؛ انھن تي خاص ڌيان ان لاءِ ڏيڻو آھي جو اتي مھينن جا مھينا پاڻي بيٺل رھندو آھي۔ 2022جي ٻوڏن کان پوءِ روينيو، پبلڪ ھيلٿ، مڪاني حڪومت ۽ آبپاشي کاتي، پي ڊي ايم اي جي اڳواڻي ۾ ضرور ڪجهه ڪيو ھوندو، ڇو ته پريپيئرڊنيس/ تياري   پي ڊي ايم اي جو اھم ادارتي ڪم آھي۔ جيڪڏھن ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪيو ويو آھي ته يڪدم ڪرڻ گھرجي۔ بيٺل پاڻي جي ڪري نه رڳو فصل تباھ ٿين ٿا، پر سماجي ماهيت، وبائي بيماريون، ۽ مسلسل بي دخلي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا.انهن علائقن لاءِ، پمپنگ اسٽيشنون ، برادري جي سطح وارا/ ڪميونٽي بيزڊ ڊرينج پلان، ۽ هنگامي ٽرانسپورٽ ضروري آهي.

پنجون محاذ: سامونڊي ۽ ڊيلٽائي علائقن جا خطرا

ٺٽو، سجاول، بدين ۽ انهن جا ساحلي علائقا، ٻوڏ جي هڪ الڳ مگر شديد خطري سان منهن ڏئي رهيا آهن. هتي 2022 ۽ 2003 ۾ ڏٺو ويو ته ٻہ طرفو برساتي سسٽم ۽ سامونڊي چاڙھ گڏجي تباهي مچائي سگهن ٿا. ان وقت سمنڊ به پاڻي نه کڻندو آھي؛ ٽٽل ڊرينن جا رخ به ايڏائھن ھوندا آھن۔ ڪڏھن ته درياھ به نٿو ڇڏي ( جيئن 2010 ۾ ڪوٽ عالمو) اهڙي صورتحال لاءِ، ساحلي نگرانيءَ جو نظام، ماهيگيرن ۽ مقامي ماڻهن سان رابطي، ۽ هنگامي ردعمل جي لاءِ سامان جي ترسيل ۽ مددي نظام  اڳواٽ تيار رکڻ گهرجن. ڊيلٽا لاءِ ڌار حڪمت عملي  جي پاڻي ، ماحولياتي تحفظ، روزگار، سان لاڳاپيل هجي ڇو جو ھي پاڪستان جو غريب ترين علائقو آھي.

ڇهون محاذ: شهري ٻوڏ جو وڌندڙ بحران

شهري علائقن، خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو لاءِ برساتي پاڻيءَ جي نيڪالي ۽ مربوط شھري رٿابندي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ حيدرآباد مان پاڻي جو نيڪال سٺو سنوڻ آھي پر شھري ٻوڏ جا چئلينج وڏا آھن ۔ پنجاب جي شھرن ۾ ھاڻوڪيون ٻوڏون سنڌ لاءِ سبق آھن.

شهرن جي واڌ ويجهه، قدرتي نالن جي مٿان اڏاوتن سان بند ٿيڻ، ۽ صفائيءَ جي نظام جي ڪمزوري، خطرن کي وڌائي رهي آهي. Sponge City/ پاڻي چُھندڙ شھر جهڙن عالمي تصور کي سمجهي، مقامي لاڳو ٿيڻ واري پاليسين جي ضرورت آهي.

ستون محاذ: ادارن جي وچ ۾ سھڪار جي کوٽ

2022 جي ٻوڏن دوران، هڪ وڏو مسئلو ادارن جي وچ ۾ ربط ۽ سھڪار  جي شديد کوٽ ھئي. ملڪي ميڊيا  هميشه جيان بي پرواھ ھئي۔  ضلعي اتظاميا، مڪاني حڪومت، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، روڊ کاتو ، ميونسپل ادارا ۽ ٻين وچ ۾ لاڳاپوتڪڙي تياري واري مرحلي ۾  محدود رهيو، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ دير، وسيلن جي ضايع ٿيڻ، ۽ ماڻهن جي بي وسي ۾ واڌ ٿي.

رابطا، سُٺي طرزحڪمراني، ۽  آفتن جي حالت ۾ برجستو حڪم ڏيڻ ۽ پيروي ڪرڻ اڄ جي وقت جو بنيادي گهرجون بڻجي ويا آهن. نقشا، ڊيٽا /ڄاڻ جي ڏي وٺ، ادارن جو گڏجي ڪم ڪرڻ نه رڳو وقت بچائي ٿو، پر انساني جانيون به۔ ان سان گڏ، ڪميونٽي/ ماڻھن فعال شموليت، حڪومتي ادارن لاءِ مضبوط سهارو ثابت ٿي سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.