اٽڪل ساڍا پنج سال اڳ 17 جنوري 2020 تي انگريزي روزاني ’ڊان‘ ۾ ھي خبر شايع ٿي ته ڪوئيٽا جي هڪ سيشن عدالت هڪ ننڍي عمر جي نيانيءَ ماريا کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. درخواست رد ڪندي سينيٽر صاحب غائب ٿي ويو، تنهن ڪري پوليس عدالت جي حڪمن تي عمل نه ڪري سگهي.
اغوا ٿيل ماريا جي نانيءَ پنهنجي درخواست ۾ لکيو هو ته فيملي ڪورٽ مان ڇوڪريءِ جي ڪسٽڊيکيس ملڻ باوجود ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي اغوا ڪري سينيٽر سرفراز بگٽي جي رهائش تي رکيو آھي. سينيٽر بگٽي اهو الزام رد ڪندي ۽ ان کي ھڪ گهريلو جھيڙو قرار ڏنو، جنهن کي ھرڀرو ھڪ سياسي مسئلو بڻائي اڀاريو پيو وڃي.آخرڪار عدالت کيس بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ مٿئين سندس هٿ پڪڙي ورتو. اهڙي طرح، ھو ترقي ڪندو صوبائي ۽ وفاقي گهرو وزير بڻجڻ کان پوءِ هن وقت بلوچستان جو وڏو وزير آهي.
وزيراعليٰ جي ھاڻوڪي ڪابينا ۾ پبلڪ ھيلٿ جي وزارت سردار عبدالرحمان کيتران سنڀاليندو آهي ۽ اخباري رپورٽن موجب، فيبروري 2023 ۾ بارکان ۾ سندس گهر جي ويجهو هڪ کوهه مان ٽي چٿيل لاش مليا هئا.ٻه لاش مردن جا ۽ هڪ عورت جو ٻڌايا ويا. ان خبر جي سامهون اچڻ کان پوءِ هِتان کان ُھتي تائين ھنگامو مچي ويو. ان دوران سردار کيتران جي هڪ اڳوڻي ملازم خان محمد مري الزام لڳايو ته سندس زال، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ 2019 کان سردار جي خانگي جيل ۾ آهن سردار کيتران کي تحويل ۾ ورتو ويو، شاهدن شروعاتي بيان تبديل ڪري ڇڏيا ۽ ٻن هفتن کان پوءِ ثبوتن جي نھ ملڻ جي بنياد تي کيس پنج لک رپين جي ضمانت ڏني وئي. خان محمد مري جي اها دعويٰ ته سندس زال ۽ ٻه پٽ سردار جي حڪم تي ماريا ويا هئا،پر پوءِ کوھ مان ملندڙ لاش ڪنھن جا ھئا ؟ اهو راز ئي رهيو.وڏي وزير بگٽي جي ڪابينا ۾ صادق عمراڻي مواصلات جو وزير آهي. سندس تعلق جعفرآباد ضلعي سان آھي. 2008 ۾ هو هائوسنگ جو صوبائي وزير هو ۽ ساڳئي سال 13 جولاءِ تي جعفرآباد جي اوستا محمد تعلقي ڳوٺ باباڪوٽ ڳوٺ مان خبر آئيپسند جي شادي جي ضد تي ٽن ڇوڪرين ۽ انھن جو ساٿ ڏيندڙ ٻن وڏي عمر جي عورتن کي اغوا ڪيو ويو ۽ فائرنگ ۾ سخت زخمي ڪرڻ بعد پوءِ ڪنھن ويران ھنڌ تي جيئرو دفن ڪيو ويو.
ان واردات ۾ صوبائي نمبر پليٽ واري هڪ سرڪاري گاڏي پڻ استعمال ٿي ھئي. وزير صادق عمراني وضاحت ڪئي ته پنج عورتون نه پر ٻه عورتون ميون آھن ۽ اھو تھ ان واقعي ۾ سندس ڀاءُ جي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوت ناهي،بھرحال مرندڙن جو تعلق سندس قبيلي سان ضرور هو. 13 جولاءِ جي واقعي جي مبينا ملزمن جي گرفتاري ڏيڍ مهيني کان پوءِ ٿي سگھي. جيتوڻيڪ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٽئين ڏينهن ئي واقعي جو نوٽيس ورتو هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنھنجي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٺاهي ھئي.
پوليس کي هڪ کڏ مان ٻن عورتن جا بي ڪفن لاش مليا. پر ڇوڪريون ڪيڏانھن ويون؟ زنده آهن يا مري ويون ؟ جسٽس افتخار چوڌري پوليس رپورٽ رد ڪري ڇڏي، ڪجهه وقت تائين پيشيون جاري رهيون ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو، خدا ڄاڻي. سينيٽ ۾ بھ اھو واقعو گرما گرم بحث لاءِ تيل جو ڪم ڏنو ھو.سينيٽر اسرار الله زهري وڏي واڪي چيو ته هوءَ غيرت جي معاملي ۾ بلوچ روايتن جو ڀرپور دفاع ڪندو رهندو.گهٽ وڌ ساڳيو منظر سينيٽ ۾ مارچ 1999 ۾ بھ ڏٺو ويو، جڏهن خيبر پختونخواه صوبي جي هڪ مشهور صنعتڪار حاجي غلام سرور جي نياڻيءَ سميعه کي لاهور ۾ انساني حقن جي وڪيلن عاصمه جهانگير ۽ حنا جيلاني جي آفيس ۾ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ قتل ڪيو ويو.
سميعه ٻن ٻارن جي ماءُ هئي ۽ گهريلو تشدد جي ڪري پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي هنڌ گھر آباد ڪرڻ ڇي چاھيو. والدين کيس چئن سالن تائين ان شرط تي گهر ۾ رکيو ته ڀلي هوءَ الڳ رهي،پڙھي لکي.، پر طلاق جو ذڪر زبان تي نھ آڻي، اسان وٽ اھو عيب سمجهيو ويندو آهي.
سميعه بنا ٻڌائڻ جي لاهور پهچي وئي۽ عاصمه جهانگير جي شيلٽر هوم ‘دستڪ’ ۾ پناهه وٺي ورتي. سميعه جي ماءُ، جيڪا پاڻ بھ هڪ پريڪٽسنگ ڊاڪٽر هئي،اھا سميعه سان صلح جي بهاني ڀاڙي جي قاتل کي پنھنجو ڊرائيور بڻائي دفتر پھتي ۽ ان سميعه کي گولي هڻي ڇڏي. قاتل ھڪ گارڊ جي جوابي فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو.جڏهن ته سميعه جي ماءُ فرار ٿي وئي.ڪيس ٻن سالن تائين ٻڌڻي هيٺ رهيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن خبر ملي تھ مقتولھ سميعه جي والد سرپرست طور پنهنجي زال کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ مقتول بڻجندڙ قاتل جي خاندان به صبر ڪري ورتوان واردات کان پوءِ سينيٽر اقبال حيدر غيرت جي نالي تي قتل جي قانون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ بل پيش ڪيو. 19 سينيٽرن کان سواءِ ڪنهن به ان جو ساٿ نھ ڏنو. مذهبي سياسي جماعتن جي نمائندن جي مخالفت سان گڏ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر ۽ مشهور شاعر اجمل خٽڪ پڻ بل جي مخالفت ڪندي ان کي غيرتي روايتن تي حملو قرار ڏنو.
آگسٽ 2023 ۾ ڏهه سالن جي ٻارڙيءَ فاطمه ڦرڙو جي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ هوءَ ھڪ ڪمري جي فرش تي زخمي حالت ۾ آخري پساهه کڻي رهي هئي.روايت موجب شور مچي ويو. پوليس نھ چاھيندي بھ خيرپور جي سياسي ۽ روحاني پير آف راڻيپور جي خانوادي پير اسد شاهه جيلاني، سندس زال، سھري ۽ ڪجهه ملازمن کي گهريلو ملازمه فاطمه ڦرڙو تي تشدد ۽ ان جي مارجڻ جي جاچ لاءِ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
لڳ ڀڳ ڏيڍ سال بعد هن سال فيبروري ۾خبر آئي ته مٿين عدالت ۾ سمجھوتو ٿي ويو آھي ۽ فاطمه ڦرڙو جي خاندان پير صاحب ۽ سندس خاندان کي الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏيو آهي.هن خوني ديڳ جي ڪجهه چانور ڏيکارڻ جو مقصد اھو آھي تھ اسان کي اندازو ٿئي تھ ظلم جي جنھنگ جون پاڙون ڪٿي ڪٿي پکڙيل آهن.پڙهيل، اڻ پڙهيل، غريب ، امير، قانون ساز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ، وڪيل، جج، اعليٰ درجي جا روحاني ۽ دنياوي خاندان، وچولي ۽ هيٺين طبقن جا، ھر خبر مٿان ٻي خبر چاڙھي ڇڏيندڙ تڪڙي ميڊيا،، عورت جي باري ۾ خانداني، برادرڻا ۽ قبيلائي رويا، سڀ جا سڀ پنھنجي بساط، پھچ ۽ تعصب جي بالٽي سان ان منحوس جھنگ جي آبياري ۾ حصيدار آهن.
اسلامي جمهوريه جي هڪ صدر مملڪت چيو ته ڪيتريون ئي عورتون ٻاهرين ملڪ جي شهريت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ريپ جو ماحول پيدا ڪن ٿيون، هڪ چونڊيل وزيراعظم چيو ته عورتون چمڪندڙ ڪپڙا پائينديون ته مرد پاڻ کي ڪيئن قابو ڪري سگهندا.مٿين سطح تي اھڙي روئي سان شھھ مليل ھيٺين سطح تايئن ڪنھن ايس ايڇ او کي اھو سوچڻ کان ڪير روڪي سگهي ٿو،شڪايتون کڻي ايندڙ اڪثر عورتن جو پنھنجو ڪيريڪٽر ٺيڪ ناھي ھوندو. ان کان پوءِ ڪٽھڙي ۾ بيٺل عورت کي مخالف وڪيل جي بيوقوفاڻن سوالن کان ڪير بچائي سگهي ٿو؟
جتي شرعي ۽ سيڪيولر عدالتي نظام ۽ خالص مرداڻن جرگن جي کچڙي رڌل ھجي ۽ عوامي ڀلائي جي دعويٰ ڪندڙ سياست بازن جا ڪئين روپ ۽ چهرا هجن، اتي سخت ترين قانونن ردي ۾ اضافي سواءِ ٻئي ڪھڙي ڪم اچي سگھن ٿا ؟ خبر آهي ته اهڙن ڪيسن ۾ ڏوھارين کي سزا ملڻ جو تناسب ڇا آهي؟ 0.5 سيڪڙو (اڌ سيڪڙو)هاڻي تھ جنھن ٻار،ٻارڙي يا عورت جي وڊيو وائرل نه ٿئي، ان جي موت تائين ڪجهه ڪلاڪن لاءِ به ضمير تي رجسٽر نه ٿيندي آهي ۽ اهي وڊيوز پڻ ھڪ طرح سان طاقت جو اظهار ئي ھونديون آهن ته جنھن کي اسان جو بگاڙڻو آھي اھو بگاڙي ڏيکاري! ڦري گھري رياست هجي يا فرد، ڪم تھ اسان ۾ ئي پوڻو آھي نھ !