سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ ٿيل پرتشدد جهيڙي کان پوءِ هڪ نوجوان آءِ سي يو ۾ زندگيءَ ڏانهن موٽ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي۔ يونيورسٽي رجسٽرار پاران 30 سيپٽمبر 2026ع تي ايس ايس پي ڄامشورو ڏانهن لکيل خط موجب هي تڪرار ڪجهه ڏينهن اڳ ”لائبريري اينڊ انفارميشن سائنس شعبي“ جي ٻن شاگردن وچ ۾ هڪ رواجي ڳالهه تان شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ ويڙهه لاءِ ٻاهريان ونگارجي آيا ۽ معاملو تنظيمي جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو 30 سيپٽمبر جي صبح جو آرٽس فئڪلٽي وٽ به چڪريون ٿيون، ۽ پوءِ شام جو هاسٽلن اندر ٻنهي ٽولن وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي۔ ان فائرنگ ۾ هڪ شاگرد گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو (رجسٽرار جي خط ۾ سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي آهي)، جڏهن ته پٿراءُ ۽ لٺين جي حملن سبب چند شاگرد رتوڇاڻ ٿيا۔ ان خط ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ڪئمپس ۽ هاسٽلن اندر هٿيارن ۽ ٻاهرين ماڻهن جي غيرقانوني موجودگيءَ وارو معاملو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ”لاڳاپيل“ ادارن کي ٻڌايو ويو آهي؛ ۽ لاڳاپيل ادارا شايد اڻ ٻڌي ڪيو ويٺا آهن ۽ يونيورسٽي پڻ ”جيڪا مالڪ جي مرضي“ چئي چپ آهي۔
مان هي ان ڪري لکي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته جتي اڄ ان گولي لڳل نوجوان جو پيءُ بيوس بيٺو آهي، اتي ڪنهن وقت مان به پنهنجي پٽ جي مٿان پنهنجي ونيءَ سان گڏ اتي ائين ئي بيٺل هئس. فيبروري 2008ع ۾ منهنجو پٽ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ جي ٻئي مهيني ۾ هو، جڏهن هو ٻن گروهن (باچڪاڻي ۽ ڊومڪي) جي هٿياربند ويڙهه ۾ رستي ويندي زد ۾ اچي ويو ۽ سندس مٿي ۾ گولي لڳي… هو پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٽاپ ڪندڙ، حيدرآباد اربن مان ميرٽ تي چونڊجي آيل شاگرد هو۔ مالڪ پنهنجي اڻکٽ ٻاجهه سان، پنهنجي محبوب نبي، آقا محمد صلي الله عليه وسلم جي محابي اسان تي بي انت ڪرم ڪيا ۽ کيس ٻيهر حياتي بخشي۔ اڄ ارڙهن ورهيه گذري چڪا آهن؛ تنظيمن جا نالا ضرور بدلجي ويا آهن پر ڪئمپسن مان بندوق ناهي وئي۔ هڪ سيٽ، هڪ ڪوريڊور، ڪينٽين، يا ڪنهن ڪلاس روم جو معمولي تڪرار! بهانو هميشه ننڍڙو هوندو آهي، پر ايمرجنسي وارڊ جو رت سان ڀريل بسترو هميشه ساڳيو هوندو آهي۔
سنڌ جي پڙهندڙ نوجوانن مان ڪجهه هٺيلا هن غنڊاگِرديءَ کي ئي ”سياست“ سمجهندا رهيا آهن۔ ڄامشورو ڏهاڪن کان هن اذيت ۾ جيئندو پيو اچي۔ هلندڙ سال مئي ۾ امتحانن دوران ڪنهن ڪينٽين تي تنظيم جي ٻن ڌڙن ۾ فائرنگ ٿي ۽ آئي بي اي جي شاگرد کي واٽ ويندي پير ۾ گولي لڳي۔ لعل شهباز هاسٽل جا ڪمرا ساڙيا ويا۔ گذريل سال آڪٽوبر ۾ هاسٽل اندر روم ميٽ جي هٿ مان پستول ڇٽڻ سبب هڪ شاگرد گوليءَ جو شڪار ٿيو۔ 2012ع ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز جي قتل کان پوءِ جڏهن حساب ڪتاب ٿيو ته معلوم ٿيو ته يونيورسٽيءَ ۾ ٻاويهه شاگرد قتل ٿي چڪا هئا ۽ گرفتاري هڪ به نه ٿي هئي۔ اهي انگ پراڻا ٿي چڪا آهن، پر هاسٽلن تي بندوق جي زور تي قبضن جي اها قاتلاڻي هيرَ اڄ به ساڳي آهي۔
سنڌ يونيورسٽي 1947ع ۾ جڙي ۽ 1955ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي فڪر هيٺ مهراڻ جي ڪپ تي کڄي آئي، جن جو خواب هو ته هر نوجوان هتان هڪ باوقار سائنسدان، استاد، سياستدان، اديب ۽ سماج جو خادم بڻجي پنهنجي ماڻهن ڏانهن موٽي۔ پنجاهه، سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي اڌ تائين، يونين جون چونڊون خيالن ۽ منشورن جو مقابلو هونديون هيون۔ انهن سنڌ کي قانون ساز، وڪيل، صحافي ۽ اعليٰ منتظم ڏنا۔ 4 مارچ 1967ع تي ون يونٽ خلاف شاگردن جو مارچ هڪ عوامي سياسي جدوجهد هئي؛ اتي تشدد ۽ جيل ته هئا پر هاسٽل جي ڪمري ۾ پستول لڪائي پنهنجي ئي ڀاءُ تي بندوق سڌي ڪرڻ جو رواج نه هو۔
9 فيبروري 1984ع تي آمر جنرل ضيا مارشل لا ريگيوليشن 60 ذريعي شاگرد يونين تي پابندي مڙهي۔ بهانو نظم ۽ ضبط جو هو، پر اصل مقصد ايم آر ڊي سان بيٺل هڪ پوري پيڙهيءَ کان سندن منظم جمهوري آواز کسي وٺڻ هو۔ ان فيصلي سياست کي ختم نه ڪيو؛ سياست مان ووٽ جو حق ڦري هٿن ۾ هٿيار ڏئي ڇڏيا۔ ان کان پوءِ پارٽين نظر نه ايندڙ وڏن پاٿاريدارن جي آشيرواد سان اهڙا وِنگ جوڙيا جن کي ڪنهن بيلٽ باڪس ۾ ووٽن جي ضرورت نه هئي۔ هٿ ٻڌل جمهوري حڪومتن واعدا ڪيا پر يونين بحال نه ڪئي؛ يوسف رضا گيلاني ججن جي بحاليءَ سان گڏ يونين جي بحاليءَ جو واعدو ڪيو هو؛ جج ته بحال ٿي ويا، پر شاگردن جو حق وري نه وريو۔
سنڌ جي اسيمبليءَ 11 فيبروري 2022ع تي تاريخ ساز ”سنڌ اسٽوڊنٽس يونين ايڪٽ“ گڏيل طور پاس ڪري ان ڏوهه جي تلافيءَ جو رستو کولي ڇڏيو هو۔ هي ايڪٽ توهان جو قانوني حق آهي، جنهن کي انتظاميه اجائي ڊپ سبب دٻائي ويٺي آهي۔ هي قانون حڪم ڪري ٿو ته هر تعليمي اداري ۾ حقيقي چونڊيل شاگرد يونين هجي، سنڊيڪيٽ ۽ حراسان ڪرڻ خلاف جوڙيل ڪميٽين ۾ شاگردن جي نمائندگي هجي، ۽ تعليمي ادارن ۾ هٿيار رکڻ تي مڪمل پابندي هجي۔ ان جا ضابطا ٻن مهينن اندر جوڙڻا هئا، پر ساڍا چار سال گذرڻ باوجود اڄ تائين جڙي ناهن سگهيا۔ ياد رکو، جيڪو حق ڪاغذن تي موجود هجي پر ان جو استعمال نه ڪيو وڃي، اهو حق ڪو ٻيو طاقتور پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندو آهي۔
پنهنجي اصل حقن کي سڃاڻو۔ توهان جو حق آهي ته ڪلاس روم تائين پهچو ۽ اتان جيئرا گهر موٽو۔ ڪنهن به وِنگ، ڪنهن ”وڏي ڀاءُ“ يا ڪنهن وزير ۽ نظر نه ايندڙ ڪردارن جي پٺڀرائيءَ واري بدمعاش جي اها جاگير ناهي ته هو ڪوريڊور، ڪينٽين يا هاسٽل جي ڪمرن تي قبضو ڪري۔ آئين جو آرٽيڪل 17 توهان کي بنيادي تنظيم سازيءَ جو حق ڏئي ٿو۔ توهان کي فيسن، هاسٽلن ۽ پنهنجي تحفظ جي فيصلن ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق آهي۔ توهان کي پنهنجي هم ڪلاس سان اختلاف رکڻ ۽ ايندڙ صبح وري ساڳئي بينچ تي گڏ ويهي پڙهڻ جو پورو حق آهي۔ توهان کي اهڙي هاسٽل ملڻ گهرجي جتي پاڻي، امن ۽ روشني هجي، نه ڪي ڀر واري ڪمري ۾ لڪيل هٿيار۔ سنڌ جي نياڻين جو حق آهي ته کين محفوظ بس ملي، عزتدار ڊگري ملي، ۽ سندن آواز سنجيدگيءَ سان ٻڌو وڃي۔
اهو به سمجهو ته ڪهڙو توهان جو حق ناهي۔ هٿيار ڪنهن نظريي يا منشور جو نالو ناهي۔ ڪنهن هاسٽل تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڙتالون 1967ع جهڙي ڪا جدوجهد ناهي۔ ڪلاس روم جي معمولي تڪرار تان پنهنجي انا کي مجروح سمجهي يونيورسٽي گيٽ کان ٻاهران هٿياربند گهرائڻ ئي اهو عمل آهي جيڪو معمولي تڪرار کي ايمرجنسي وارڊ جي بستري تائين کڻي وڃي ٿو۔ جيڪي به پارٽيون يا اڳواڻ توهان کي هٿيارن جي هن باهه ۾ اُڇلائين ٿا، اهي توهان جا دوست ناهن؛ اهي توهان جو رت پنهنجي مفاد لاءِ وهائي رهيا آهن۔ جيڪڏهن اوهان کي گڏجي بيهڻو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ سلامتيءَ لاءِ گڏ ٿيو؛ سنڌ جي ورهاڱي جي هر سازش خلاف هڪ ٿي بيهو، پر هٿياربند ۽ پرتشدد نه ٿيو! پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي تعليمي ادارن اندر هڪٻئي مٿان بندوقون کڻڻ سنڌ جي ڪا خدمت ناهي۔ سنڌ جي وجود ۽ وحدت جو اصل دفاع سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوان جي سگهه، سچائي، آئين ۽ دليل سان ئي ممڪن آهي۔ پنهنجن ئي ادارن کي رت سان ڳاڙهو ڪري اوهان سنڌ دشمن قوتن جا هٿ ئي مضبوط ڪري رهيا آهيو۔
اهڙيءَ طرح پڙهو ڄڻ سنڌ ۽ پاڪستان جي بقا توهان جي پڙهائيءَ سان ڳنڍيل هجي، ڇاڪاڻ ته سچ پچ ائين ئي آهي۔ سياست سِکو، پر اها جيڪا حقيقي، آئيني، قانوني ۽ جمهوري سياست آهي۔ ڪوريڊورن تي لٺين سان گهمڻ ۽ هٿيار اُڀا ڪرڻ سياست ناهي؛ اصل سياست حقن، انگن اکرن، آئين ۽ باوقار تنظيم سازيءَ جو نالو آهي۔ هي اها سياست آهي جنهن سان سنڌ ۽ پاڪستان جي پورهيتن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو: پڇڙين تائين پاڻي پهچي، اسڪول آباد رهن، پورهيت کي جائز اجرت ملي، سنڌ جي عورتن ۽ نياڻين کي علم، تحفظ، مان ۽ آزادي ملي؛ ۽ مظلوم لاءِ عدالت جا در کليل هجن۔ فيسن جي گهٽتائيءَ لاءِ يونيورسٽين کي گڏ کڻي حڪومت کان گهر ڪريو، جهيڙو ڪرڻ بدران يونيورسٽيءَ جو بجيٽ سمجهو۔ حق ۽ ڪنهن جي سياسي احسان وچ وارو فرق پروڙيو۔ جنهن ماڻهوءَ جي نظريي سان توهان کي اختلاف هجي، ان سان گڏ ويهي بحث ڪريو ۽ کيس بنا رت وهائڻ جي اٿي وڃڻ ڏيو۔ اها اصل جمهوريت آهي۔
هي سڀ انهن لاءِ ڪريو جن اوهان کي هتي اماڻيو آهي: اهو هاري، اها پورهيت ماءُ، ۽ اهو گهر جنهن توهان جي مهيني جي خرچ لاءِ ڪا قيمتي شيءِ يا ٻنيءَ جو آخري ٻارو وڪڻي ڇڏيو۔ انهن توهان کي ڪنهن ونگ يا هاسٽلن جا ڪمرا ڦٻائڻ يا بندوقن سان وڙهڻ لاءِ ناهي اماڻيو۔ انهن توهان کي ان ڪري ڄامشوري موڪليو هو ته جيئن توهان سڀاڻي سندن حق ۾ دليل ڏيڻ جي لائق ٿي موٽو؛ ڊگريون وٺي ڪامياب ٿيو؛ ثبوتن سان، علم سان، ۽ اهڙي سگهاري ٻوليءَ ۾ جيڪا عدالت ۽ حڪومت به مڃڻ تي مجبور ٿي وڃي۔
انتظاميه ۽ حڪومت کي به پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي۔ جڏهن خطن ۾ لکيو وڃي ٿو ته ٻاهريان هٿياربند ماڻهو هاسٽلن ۾ موجود آهن، ته پوءِ اهڙن عنصرن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ڪيس داخل ڪيا وڃن۔ جيڪو به هٿيار سان پڪڙجي، ان کي يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وڃي۔ سنڌ اسٽوڊنٽس يونين ايڪٽ جا رولز بنا دير جوڙيا وڃن ۽ پهرين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي۔
هو زندگيءَ لاءِ جهيڙيندڙ شاگرد، ڪنهن ونگ جي ڪوڙي انا ۽ ڏاڍ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڄامشوري نه آيو هو۔ نه ئي اهي شاگرد پٿر کائڻ آيا هئا۔ توهان چاليهن سالن اندر اها پهرين پيڙهي آهيو جنهن جي پٺيان سنڌ اسيمبليءَ جو هڪ باقاعدي قانوني ايڪٽ موجود آهي۔ ان کي پنهنجي سگهه بڻايو۔ ڪلاس رومن، ليبارٽرين ۽ ووٽن جي باڪسن کي پنهنجي طاقت بڻايو، ۽ هٿيارن کي يونيورسٽيءَ جي دروازي کان ٻاهر ئي اُڇلائي اچو۔ يونيورسٽي اها درسگاهه آهي جتي سنڌ جو هڪ غريب پڙهندڙ پرکڻ، اڏڻ، ۽ بنا رت وهائڻ جي پنهنجو حق ڇڪي وٺڻ سکندو آهي۔ اچو ته ڄامشورو وري ساڳئي علم، وقار ۽ دليل جي سگهه واري جاءِ بڻايون! علم سان سگهارا نوجوانو! سنڌ کي اوهان ئي اڳتي وٺي هلندا!