لکي ويجهو زميني تڪرار تان سئوٽن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

لکي غلام شاھ(ن ع آ) لکي غلام شاھه لڳ جهان خان چوڪي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب 35 سالا نوجوان ڌڻي بخش پٽ عبدالعزيز کوسو موقعي تي قتل ٿي ويو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي لاش هٿ ڪرڻ بعد لکي غلام شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جوابدار فرار ٿي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، مقتول نوجوان جي وارثن چيو آهي ته جوابدار عبدالجبار کوسو گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪيو آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.