راڌڻ مان ريلوي پوليس هٿان مبينا طور کنڀيل ٻن ڄڻن جي گرفتاري ظاهر نه ٿي، 6 لک رپيا طلب

راڌڻ(ن ع آ)راڌڻ شهر ۾ ڪاروباري ماڻهن کي پوليس وردي ۾ مبينا اغوا ڪرڻ جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب واپاري برادري ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙجي وئي آهي خبر موجب، سومر ڏينهن 21 جولاءِ تيمنجهند جو ڪاٻاڙ ي جي دڪاندارن جي دوڪان تي اٽڪل چار کان پنج نا معلوم ماڻهو، جيڪي پوليس جي وردي ۾ هئا، زبردستي اچي محمد حسن سومرو ۽ سندس ملازم غلام عباس کوسو کي مبينا اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن محمد حسن جا ڀائر راڌڻ ٿاڻي تي مدد لاءِ پهتا، ته راڌڻ پوليس لاتعلقي جو اظهار ڪندي واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪئي، رات دير سان محمد حسن سومرو پاران پنهنجي ڀائرن کي فون آئي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته کيس ريلوي پوليس لاڙڪاڻي کڻي آئي آهي، اڄ، جڏهن متاثرين جا ڀائر لاڙڪاڻي ريلوي ٿاڻي تي پهتا، ته کين ڇهن 6 لکن رپين جي گهر ڪئي وئي، واقعي کان پوءِ، متاثر خاندان طرفان شھمرو علي سومرو راڌڻ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي دانھيون ته اسان بي گناھه آھيون ريلوي پوليس اسان اھڙو ظلم الائي ڇو ڪيو آھي اسان مقامي ڪاروباري روزي ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رھيا آھيون .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.