ڏهرڪي ڀرسان معمولي ڳالهه تان جهيڙو،نوجوان قتل

ڏهرڪي (ن ع آ)ڏهرڪي ويجهو  کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ  ٻيلو شر ۾ گھٽي جي لنگھه تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان راشد ولد راڻو شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن بعد اھڙو اطلاع ملڻ تي کينجهو پوليس زخمي نوجوان جا وارث زخمي نوجوان کي کڻائي ڏهرڪي جي اسپتال آندو جتي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب نوجوان کي سکر جي اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جنهن بعد کينجهو پوليس نوجوان جي لاش ڏهرڪي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن حسين شر ۽ عبدالغفور شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهٽي مان لنگهه جي معمولي ڳالھ تان بااثر عالم شر ۔مبارڪ شر ۽ حسين شر وارن اسان جي نوجوان راشد شر مٿان گوليون هلائي کيس بيگناه قتل ڪيو ويو آهي انهن ايس ايس پي گهوٽڪي۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان جي قاتلن کي فوري طور گرفتاري ڪري اسان ساب انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش گهر  پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻي طرف کينجهو پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جوبدارن جي گرفتاري لاء سندن گهرن تي ڇاپا هنيا پر جوبدار اڳ ئي پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.