تعليم کاتي پاران استادن جي ڀرتين بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم

 ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي پاران پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جي ڀرتين بابت اميدوارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراھي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ورتي، قائم ڪيل ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر ايڇ آر، لاڳاپيل ڊويزن جا ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آھي، جوڙيل ڪميٽي کي پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جي ڀرتين جي رڪارڊ جو جائزو ۽ شڪايتون ٻڌڻ جي ذميواري ڏني وئي آھي، ڀرتي پاليسي تي عمل جي حوالي سان ڪميٽي پاران جائزو ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.