برطانيا،ڪينيڊا سميت 28 ملڪن پاران اسرائيلي بربريت جي مذمت

لنڊن(م ڊ) برطانيا، فرانس، جاپان، آسٽريليا سميت 28 ملڪن هڪ گڏيل بيان ۾ اسرائيل پاران غزا ۾ خوراڪ ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندڙ شهرين جي ’غير انساني قتل‘ جي شديد مذمت ڪئي آهي،هن گڏيل بيان ۾ غزا ۾ جنگ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته غزا جي شهرين جون تڪليفون هاڻ انتهائي حدن تائين پهچي ويون آهن،غزا ۾ گذريل 21 مهينن کان جاري جنگ دوران اسرائيلي هتڪنڊن جي مذمت ۾ ڪيترائي عالمي بيان جاري ٿيا آهن، پر هن گڏيل بيان ۾ جيڪا کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، اها قابلِ ذڪر آهي، پڌرائي تي برطانيا، آسٽريليا، ڪينيڊا، فرانس، اٽلي، جاپان، نيوزيلينڊ ۽ سوئيٽزرلينڊ سميت 28 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن صحيحون ڪيون آهن، پڌرائي موجب غزا ۾ فوري طور جنگ ختم ٿيڻ گهرجي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حڪومت جو غزا ۾ امداد جي ورڇ جو نظام خطري سان ڀريل آهي، جيڪو افراتفري ۽ بيچيني وڌائي ٿو،” ۽ اهو نظام "انساني وقار جي ابتڙ آهي، غزا ۾ حماس جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندڙ وزارتِ صحت ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي جي آخر ۾ اسرائيلي فائرنگ سبب امدادي خوراڪ جي انتظار ۾ بيٺل 100 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ 19 ماڻهو فوت ٿيا.

  1. ”رياست عورت ۽ مرد جي قاتلن کي سزا ڏئي“ بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءٌ

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي عورت ۽ مرد جي بيدرديءَ سان قتل جي خلاف بلوچستان اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءٌ منظور ڪيو ويو آهي. بلوچستانجي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي درخواست تي قرارداد کي گڏيل قرارداد ۾ تبديل ڪيو ويو. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪوئيٽا جي ويجهي علائقي سنجدی ڊيگاري ۾ غيرت جي نالي تي ٻن بيگناهه ماڻهن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ويمن پارلياماني ڪاڪَس جي ڊپٽي اسپيڪر غزاله گولا مذمتي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا جي علائقي سنجدی ڊيگاري ۾ بي وس مرد ۽ عورت جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت آهي، غيرت جي نالي تي قتل جو نه رياستي، نه قومي، نه سماجي ۽ نه ئي مذهبي روايت سان ڪو تعلق آهي. غزاله گولا ايوان کان مطالبو ڪيو ته رياست پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.

  1. جسٽس ذوالفقار خان هميشه سچ جي آواز بلند ڪئي:جسٽس جنيد غفار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي خان جي رٽائرڊ ٿيڻ تي فل ڪورٽ ريفرنس جو اهتمام ڪيو ويو، فل ڪورٽ ريفرنس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جيند غفار سميت ٻين ججن ،بار جي عهديدارن سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس جنيد غفار خطاب ڪندي چيو ته افسوس آهي هڪ سٺو جج رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، جسٽس ذوالفقار خان هميشه سچ جي آواز بلند ڪئي،هن سول، ڪرمنل ۽ پراپرٽي ڪيسن جا شاندار فيصلي ڪيا، جسٽس ذوالفقار احمد خان 31جولاءِ تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، جسٽس ذوالفقار خان 2015ع ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج مقررٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.