غيرت جو بي غيرت تصور

تحرير: رياض ابڙو

بلوچستان ۾ درنده صفت ماڻهن هٿان سرعام ناري ۽ هڪ مرد کي ڪارو ڪاري جي تهمت هڻي قتل ڪرڻ واري ڊيو ٻن ٽن ڏينهن کان وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي لکين ماڻهو شيئر ڪري چڪا آهن. اهڙي وڊيو جڏهن سوشل ميڊيا تي آئي آهي ته ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي ته ڪئين هڪ بيوس ناري ۽ مرد کي سرداري نظام جو فيصلو مڙهي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته معاشري مان انسانيت موڪلائي چڪي آهي، ماڻهو پنهنجي انا جي تسڪين ۽ پنهنجي فرسوده سرم جي پورائي لاءِ انسانن جي جان وٺي رهيا آهن.

هي واقعو بلوچستان ۾ پيش آيو آهي جيڪو ڪوئيٽا ٿاڻي جي حد ڊيگاري واري علائقي جو ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو عيد کان ٽي ڏينهن اڳ جو آهي، پر سوشل ميڊيا تي واقعو 35 ڏينهن بعد ۾ سوشل ميڊيا تي سامهون آيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي واقعي ڌوڏي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ حڪومت به حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ ڪارروايون به شروع ٿي چڪيون آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي اها پريس ڪانفرنس به سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته عورت غير شادي شده نه هئي پر پنج ٻارن جي ماءُ هئي جنهن مرد کي قتل ڪيو ويو آهي اهو به پيرسن هو ۽ اهو به چئن ٻارن جو پيءُ آهي، انهن ڪو به پسند جو پرڻو نه ڪيو هو . جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ عورت کي ڪاري ڪري ايئن بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي.

هن واقعي کي سوشل ميڊيا کڻي بلوچستان جي سردارن جي ڪڌي عمل کي دنيا آڏو ننگو ڪري ڇڏيو آهي، اهي سردار جيڪي پنهنجي اولاد کي ته وڏن شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم ڏياري انسان بڻجڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهن پر اهي ساڳيا بدو سردار پنهنجي قبائلي برادرين جي ماڻهن کي جهالت جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي پنهنجو جبر، ظلم ۽ بريت مڙهي ڪڌي رسمن جي آڙ ۾  غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي نياڻين ۽ نوجوانن کي پنهنجي عدالت لڳائي سر عام قتل ڪرڻ جا نادري حڪم ڏئي رهيا آهن جن سان ڪيترن ئي سالن کان وٺي اهي نياڻيون يا نوجوان درتي ماءَ تي خون وهائي رهيا آهن. انهن سردار يا بااثرن جون نياڻيون شهرن ۾ جينس پينٽ پائي گهمي رهيون آهن پر ڪنهن غريب جي نياڻي ڪو سبيل نئون جوڙو به پائي نه ٿي سگهي يا وري پسند جي شادي نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي قبائلي رسم رواج يا فرسوده جوڙيل انڌو قانون انهن کي سٺي زندگي گذارڻ ۽ پنهنجو آواز آزادي سان اٿارڻ جي اجازت نه ٿو ڏي !

واقعي جي داخل ايف آءِ آر ۾ ناري جو نالو بانو بي بي ۽ مرد جو نالو احسان الله ٻڌايو پيو وڃي جن کي ڪارنهن الزام جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ بروهي برادري جا ماڻهو ڏسي سگهجن ٿا جيڪي براهوي زبان ڳالهائي رهيا آهن. ناري ۽ هڪ مرد کي جرڳي کان پوءِ ويگو گاڏي تي هڪ جابلو علائقي ۾  کڻي اچن ٿا ۽ پوءِ عورت کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته اها مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، عورت براهوي زبان ۾ لڳايل هجوم کي چئي رهي آهي ته هن کي صرف گولي هڻڻ جو حڪم آهي پر ڪو جسم کي هٿ نه لڳائي. عورت اهو به چوي ٿي ته ”جنهن شخص سان ڪاري ڪري مارڻ چاهيو ٿا، ان سان منهنجو ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي.“ عورت پٺي ڏئي ڳالهائي ٿي ۽ چوي ٿي هڻو گولي، جنهن تي ان کي پهريان هڪ ۽ بعد ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو گوليون هڻي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏي، ساڳي وقت مرد کي به گوليون سان پروڻ ڪيو وڃي ٿو . گولين جي آواز کان پوءِ نه ڪا دانهن ڪوڪ اچي ٿي نه ڪو روڄ راڙو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڪجهه نازيبا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ جابلو پهاڙي ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي، سردار ڀوتار ۽ انهن جا پولتو واٺا جيڪي ڪوڙي انا جي ور چڙهي آهي خوش ٿي پنهنجي گاڏين ۾ سوار ٿي وڃن ٿا. هو يقينن خوش ٿيندا هوندا جو انهن وڏي غيرت جو ڪم سر انجام ڏنو ۽ هڪ عورت کي پنهنجي ڪيل يا اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ڏئي ماريو جو آهي .

ڏسجي ته عورت سردار جي مڙهيل فيصلي کي 15 هٿياربندن جي آڏو ڪئين نه چئلينج ڪيو ته اوهان جيڪو فيصلو ڪيو آهي گولي هڻڻ جو ته ڀل گولي هڻو پر سندس جسم کي هٿ نه لايو. عورت جا اهڙا جملا  ڪنهن سردار يا قبائلي ڄٽن جي منهن تي ڪنهن پادر هڻڻ کان گهٽ ناهن. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ٿورو به شرم يا حياءَ هجي ها ته اهي ڍڪ پاڻي ۾ ٻڏي مرن ها. هڪ عورت سندن فيصلي کي بهادري ۽ ديدا دليري سان جهڙي نموني منهن ڏئي موت کي پنهنجي سيني سان لڳايو اهو دنيا جي تاريخ کي نئون موڙ ڏئي ٿو. ثابت ٿي ويو ته بلوچستان جي عورت اهڙن جاهل ماڻهن سان اکيو اکين  ۾ ملائي ڳالهائي سگهي ٿي. هون به اهي سردار پنهنجو فيصلو مڙهي موت جي سزا ٻڌائي سگهن ٿا، سر عام عدالت لڳائي ڪنهن کي ماري سگهن ٿا پر جيڪو آواز بلوچستان جي جابلو پٽي سان عورت جي همت ۽ جرئت جو نعرو هڻي نڪتو اهي خاموش نه ٿو ڪري  سگهجي.

عورت نازڪ صنف آهي پر دنيا ڏڍو ته بلوچستان جهڙي پٺ تي پيل علائقي جي هن عورت جي دليريءَ هڪ نئين منصور کي جنم ڏنو آهي جنهن موت کي پنهنجي سولي جو سينگار بڻائي ڇڏيو. هن منصوري آواز اکڙيل بوچستان جي هوائن کي نه صرف سوڳوار بڻايو پر ناري جي مردانگي وڏن شهپرن وٽيل ۽ شامياني جيڏيون سلوارون پائيندڙ مهانگن ٽوپن پهريل بلوچ  مردن کي هارائي ڇڏيو. ڏسجي ته قتل اها عورت ناهي ٿي جنهن جي رت سان بلوچستان جي معدنياتي زمين رڱجي ريٽو ٿي وئي آهي مري اهي ويا جن ان عورت کي سر عام قتل ڪيو آهي.

  بلوچستان ۾ اڄ به جهالت عروج تي آهي ۽ 21 هين صدي ۾ به سردار پنهنجي رٽ قائم دائم رکيون ويٺا آهن، ماڻهن کي پيرن ۾ ويهاري پنهنجي پيري، ميري ۽ سرداري ڄمايو ويٺا آهن، ماڻهن کي غلام بڻائي رهيا آهن، ماڻهن جي زندگين ۽ موت، عزت ۽ آجپي ۽ آزادي جا فيصلا ڪري رهيا آهن. اتي رياست جي ڪا رٽ نظر ئي نه ٿي اچي. پوليس وڏين ڀوتارن ۽ سردار جي بنگلن ۽ گاڏين ۽ حفاظت ڪري ۾ مصروف آهي پر عام ماڻهو جي ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ڏک جي ڳالهه اها به آهي ته ماڻهو پاڻ ان غلامي ۾ خوش آهن ۽ ڀوتارن جي ها ۾ ها ملائين ٿا ۽ پنهنجا دنگ ۽ نگ سردارن جي حوالي ڪن ٿا. نياڻيون ڪوٽ ۾ قيد ڪري انهن کي اذيتون ڏنيون ٿيون وڃن، انهن کي عورت سمجهي لتاڙيو ٿو وڃي، انهن کي حقير سمجهو ٿو وڃي. هوا ڄاين جون بلوچستان ۾ آزاد هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اهي آزادي سان ساهه به نه ٿيون کڻي سگهن ۽ نه وري پنهنجي مرضي سان پائي يا گهمي سگهن ٿيون. اهڙي نظام ۾ ڀلا عورت پنهنجي پسند جي شادي ڪيئن ٿي ڪري سگهي. غلام بڻايل عورت کي ڀلا اهو حق ڪئين ٿو ڏئي سگهجي !!

ماڻهو جڏهن اولاد کان محروم هوندو آهي ته رب کي ٻاڏائي اولاد جي لاءِ دعائون گهرندو آهي، التجائون ڪندو آهي، سکون ڏيڻ ۽ خيراتيون ڪرڻ جا واعد ڪندو آهي، پر جڏهن اهي اها نياڻي جي صورت ۾ جنم وٺي گهر جي اڱڻ ۾ خوشي آڻيندي آهي ته ويران گهر اندر بهار اچي ويندي آهي. ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي جو اهي پيئر يا ڀائر وري ساڳي نياڻي کي ڪنهن سردار جي فيصلي تي آمده ٿي اکين آڏو پنهنجي ڌيءُ ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري جبل پٽي تي اڇلائي ڇڏين ته ڇا انهن جي اتي غيرت ڪاڏي ٿي وڃي. هو بي ضمير ۽ بي غيرت ڇو ٿا ٿي وڃن، انهن کي ان ڳالهه جو ڪو احسان نه ٿو ٿئي ته هو ائين ڇو ڪري رهيا آهن .

نياڻي وڌ  کان وڌ محبت پنهنجي امڙ ابي ۽ ڀاءُ سان ڪري ٿي، انهن کي دعائون ٿي ڏي، انهن جي ڏکن سکن لاءِ پرٿنائون ٿي ڪري، ڀائرن کي گهوٽ ڪرڻ لاءِ سهرا لاڏا ٿي ڳائي، انهن کي موڙ ٻڏي خوشي ۾ اگهور ٿي وڃي ٿي، انهن نياڻي کي ائين رهن بڻجي مارڻ ڪيڏي نه افسوس ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ ڳالهه آهي. معاملو ڪهڙو به هجي پر فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڪنهن وڏيري، ڀوتار يا سردار کي ناهي ته هو جرڳو ڪري قتل جي فتويٰ ڏئي ائين سر عام ماڻهو قتل ڪرائي ڇڏي، فيصلو جو اختيار رياست ۽ عدالتن کي آهي ڪو ماڻهو ڪهڙي به ڏوهه ۾ هجي پر ان جو فيصلو رياست يا عدالت کي ڪرڻو هوندو آهي. هاڻي رياست جي مٿان آهي اهي اهڙن ماڻهن سان ڪهڙي ريت پيش اچي هڪ بي گناهه عورت ۽ مرد جي خون سان انصاف ڪري رهي آهي يا رياست ۽ عدالتون به سردارن جي اهڙين ڪڌن رسمن يا  جرڳائي فيصلن کي بچائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.