ڀٽائي صاحب جو اهو شعر اسان هتي ان بهادر عورت کي منسوب ڪريون ٿا جنهن کي بلوچستان جي هڪ قبائلي جرڳي پهاڙن ۾ وٺي هجوم جي سامهون ڪنهن مرد سان ناجائز لاڳاپن جو الزام هڻي سرعام سڌيون گوليون هلائي قتل ڪيو جنهن جي ويڊيو هاڻي وائرل ٿي آهي، جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته اهو واقعو عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ جو آهي.
سو ڀٽائي صاحب جو اهو شعر ته ”مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان“. بانو بي بي نالي ان بهادر ۽ غيرت مند عورت کي ارپيون ٿا جنهن قتل ڪندڙ بي غيرتن کي للڪاريندي چيو ته ”گولي هڻو پر خبردار جو هٿ لاتو اٿوَ“ يعني هن پنهنجي عزت کي داغدار ٿيڻ کان روڪي پاڻ کي غيرتمند عورت جو ثبوت پيش ڪيو ۽ جرڳو ڪيل مردن کي سرعام شرمسار ڪرڻ جي جرئت ڪئي. ان ويڊيو ۾ اهو به نظر اچي ٿو ته بانو بي بي عورت کي هٿ ۾ قرآن پاڪ به کنيل آهي جنهن جو سبب خدا پاڪ جو واسطو ڏئي ڪو رحم گهرڻ نه هو پر حق تي هجڻ ۽ بي ڏوهي هئڻ جو سنيهو ڏيڻ هو. ڇاڪاڻ ته ويڊيو ۾ سندس اڏول ٿي بيهڻ واري بهادري سڀ ڪنهن جي آڏو آهي. اها ڪنهن ريت به موت کان ڊنل نظر نه ٿي اچي پر موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڄڻ چوندي هجي ته ” مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان.“
موت کي سڏي ان سان گڏ هلڻ جي اهڙي طاقت صرف ۽ صرف ”عشق، حق ۽ سچ“ کي ئي هوندي آهي، جنهن قبيلائي جرڳي بانو بيبي ۽ احسان الله کي ”واجب القتل“ قرار ڏئي ڪري غير قانوني فتوا جاري ڪئي آهي ۽ سرعام ٻن انسانن کي گولين سان پروڻ ڪيو آهي سا جهالت ته پنهنجي جاءِ تي پر رياستي ۽ قانون جي رٽ ڪٿي آهي جو بقول بلوچستان جي وڏي وزير جي ته هي واقعو عيد کان اڳ جو آهي ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اوهان کان اهو واقعو ڇو ڳجهو بڻيل آهي، اوهان جون حڪومتي ايجنسون ۽ ادارا ڇو ان واقعي کان اڻڄاڻ رهيا آهن. اسان ان کي بيڊ گورننس ٿا چئون جنهن کي فوري تي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي واقعو به بيڊ گورننس جو نتيجو آهي جو آئين ۽ قانون کان مٿانهين واردات ٿي آهي جنهن جي آخري ذميواري بلوچستان حڪومت جي وڏي وزير کي قبولڻ گهرجي.
هي ته شڪر ٿيو جو ويڊيو وائرل ٿي وئي نه ته اهڙا واقعا نه ڄاڻ ڪيترا روز ٿيندا هوندا جن کي ميڊيا ۾ اچڻ کان روڪيو ويندو هوندو. پر هن ظلم کي ڪنهن ريت به لئي مٽي نه ٿيڻ گهرجي، هاڻي اصل چئلنج اها آهي ته ان جرڳي ۾ فيصلو ڪندڙ ڌرين کي گرفتار ڪري کين ايئن ئي سرعام گوليون هڻي ختم ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي ڪنهن کي اهڙي ظالماڻي واردات جي همت نه ٿي سگهي. چوڻ جي حد تائين ته حڪمران ايئن ئي چئي رهيا آهن پر هاڻي انهن جي بيانن ۽ دعوائن تي به اعتبار ناهي ايندو.
رپورٽون آهن ته مقتولا جي هڪ سئوٽ ڪجهه قبيلائي سردارن ۽ جرڳي ۾ شريڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر اسان وٽ اصل ۽ وڏن واڳن ۾ هٿ وجهڻ بدران بي گناهه ماڻهن کي ڏيکاءُ طور اڳتي آڻي حڪومت ۽ پوليس پنهنجي ڪوڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندي آهي اسان حقيقي ڏوهارين جي نه رڳو گرفتارين جا قائل آهيون پر کين هر قيمت تي مليل سزا جا به خواهشمند آهيون ته جيئن آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي ٿئي. جيڪڏهن هڪ عورت موت کان نه ٿي ڊڄي ۽ اها ڪوڙين عدالتن ۽ ڪوڙن فيصلن آڏو بهادري سان منهن ڏئي ٿي ته حڪمرانن کي به آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي لاءِ بهادر ٿيڻو پوندو.
ڪاش حڪومت، حڪمرانن، آئين ۽ قانون جي پاسدارن کي پنهنجي فرض ۽ فرض جي ادائيگي سان ڪميٽمنٽ هجي ها، ڪاش اسان جا حڪمران به بانو بي بي وانگر بهادر ٿين ۽ هر قسم جي جهالت، دهشت گردي، درندگي جرڳائي فيصلن ۽ جرڳائي فيصلا ڪندڙن، سردارن سان مقابلو ڪري سگهن. حق ۽ سچ تي بيهي سگهن، حق سچ لاءِ جان قربان ڪرڻ جي ۽ هڪ ملڪ اندر ٻن عدالتي نظامن يعني جرڳائي فيصلن تي پابندي هڻڻ جي همت ساري سگهن.
ٻيو ته هاڻي ان واقعي جي مڪمل جاچ ۽ حقيقت عوام آڏو رکڻ به حڪومت جي ذميواري آهي پر ايئن نه ٿئي جو هميشه وانگر سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ونگار وهي عوام کي ڪوڙي ڪهاڻي ٻڌائي گمراهه ڪيو وڃي جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان واقعي بابت سچ ٻڌائڻ لاءِ به همت ٿي گهرجي. سو هي واقعو پسند جي پرڻي تان ٿيو آهي. ڪارو ڪاري جو واقعو آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي تنهن جي حقيقت معلوم ڪري عوام کي ٻڌائڻ حڪومت جو ڪم آهي، پر ان المئي تي ڇا چئجي ته اڄ جا حڪمران پاڻ ئي ڀوتار، وڏيرا ۽ جاگيردار آهن جيڪي ڀوتارڪي نظام، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري سرشتي کي ئي مضبوط کان مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ آئين، قانون توڙي انصاف جي بالادستي کي پيرن هيٺيان لتاڙيندي نظر اچي رهيا آهن.