هن جي شخصيت جو پنهنجو هڪ الڳ رنگ ۽ مزاج فقيراڻو آهي. مون کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هو پاڻ کي سياست جي رڻ پٽ واري ڌٻڻ ۾ ڇو پيو وجهي؟ جڏهن ته هو پاڻ هڪ پڙهيل لکيل، قابل ۽ دانشمند نوجوان آهي. کيس ھن ملڪ ۾ ضمير دوست سياست جي انجام جو به پتو آهي، ان ھوندي به ملڪ ۾ سياست ۾ قدم رکڻ جو هن ڪيئن سوچيو؟ اهو مون لاءِ به هڪ سوال سان گڏ وڏي ذھني مونجهاري کان گهٽ ناهي.
جڳ کي خبر آهي ته ان ملڪ ۾ ئي ته سندس والد، شهيد مير مرتضى ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ، وزيراعظم بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ شهيد ڪيو ويو. رياست خاموش تماشائي بڻيل رهي. اڄ تائين ان ڪيس جو فيصلو ڪوبه ادارو، ڪوبه عدالت نٿي ڏئي سگهي ته آخر مرتضى ڀٽو جو ڏوهه ڇا هو؟ ان کان اڳ، جونيئر ڀٽو جي چاچي، ھڪ حسين جوان شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. جنھن جو موت اڄ تائين عالمي سطح تي هڪ راز بڻيل آهي، جنهن تان اسان جي رياست پردو هٽائي ئي ناهي سگهي.اهڙيءَ ريت، سندس پُڦي، بينظير ڀٽو، جيڪا به هڪ بهادر ۽ ذهين عورت هئي، ان کي پڻ راولپنڊيءَ جي رستن تي ڏينهن ڏٺي جو شهيد ڪيو ويو. اڄ تائين ان قتل جو راز پڌرو نه ٿي سگهيو ته ان شهادت مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي رسيو؟ اهو سمورو منظرنامو توهان چڱيءَ ريت سمجهي سگهو ٿا.
منهنجي خيال ۾، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ضرور پنهنجي ڏاڏا ذوالفقار علي ڀٽو جون تقريرون ۽ ڪتاب پڙهيا هوندا، ته ڪيئن هڪ منظم سازش تحت سندس ڏاڏي کي عدالت جي عمل کان ٻاهر شهيد ڪيو ويو. چوڻ جو مطلب آهي ته اهڙا داستان تاريخ ۾ گهٽ ئي سياسي خاندانن جا ملن ٿا، جتي شهيدن جي اهڙي ڊگهي قطار نظر ايندي هجي. پوءِ به جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو باقاعدي طور سياسي ميدان ۾ لهي چڪو آهي. هوشومحمد شيدي جي مزار هجي يا مائي جندو جو مزاحمتي ڪردار، هو پاڻ هر گهٽي ۽ وستيءَ تائين پيو پهچي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي تعزيت هجي يا لياري جي تنگ گلين ۾ عمارت ڪري پوڻ جو واقعو، هو پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺو ڏسجي ٿو. سندس ھمعصر سياستدانن ۾ اهڙو سچو ۽ يڪتا ڪردار توهان کي فقط جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۾ ئي نظر ايندو. هو جنهن واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو عام رستو ناهي اها ڪنڊن سان ڀريل راهه آهي، ۽ هو اهو ڄاڻي ٿو، پوءِ به خوف ۽ ڊپ کانسواءِ پنهنجي رستي تي وڌندو پيو وڃي.
تازو، ڏٺوسين ته هن پنجاب، لاهور سميت هڪ ڊگهو سياسي دورو ڪيو. جنهن ۾ سندس ڏاڏي جي پارٽي جا جان نثار ڪارڪن قدم قدم تي سندس آجيان ڪندي نظر آيا. ان کان علاوه گذريل ڏينهن ۾، هو حيدرآباد به آيو، پر ڪنهن سبب جي ڪري اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي. مون ميڊيا تي سندس سمورو دورو ڏٺو. هو پنهنجي والد جي پراڻن دوستن سان ملندي بار بار چوندي ٻڌايو ويو ته "منهنجي سياسي استاد منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو آهي. مان سياست ۾ بغير هن جي رهنمائي جي هڪ قدم به نه کڻندس.”منهنجي لاءِ اهي جملا عام ناهن، پر هڪ پيغام کان گهٽ به ناهن.مان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي درياهه جو نگهبان، ڊولفن جو محافظ، ۽ ڌرتيءَ جو چوڪيدار سمجھيان ٿو. جنهن نموني هن سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ عالمي سطح تي ڇھه ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪئي، اها جدوجهد تاريخ جو سونهري باب ٿيندي.
جونيئر ڀٽو جي ملڪي سياست ۾ انٽري ۽ سندس سادي انداز ڪيترين سياسي طاقتن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. مون کي به اهو نه ٿو سمجهه ۾ اچي ته تازو ريحام خان ڪهڙي اشاري تي پنهنجو سياسي پارٽي ٺاهي؟ ۽ هن ڪهڙي اشاري تي چيو ته "جونيئر ڀٽو ڪير آهي؟ ڪئين سياست ۾ اچي رهيو آهي؟” جونيئر ڀٽو هن کي ميڊيا ۾ هڪ شاندار جواب ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو، ۽ چئي ڇڏيو ته: "هو شهيد مير مرتضى ڀٽو جو پٽ، شهيد شاهنواز ڀٽو جو ڀاڻو، شهيد بينظير ڀٽو جو ڀاڻو، ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو آهي. جن کي دنيا سڃاڻي ٿي. "ڪاش! اسان هن تسلسل کي سمجهي سگهون ته جونيئر ڀٽو سياست ۾ ڇو آيو آهي؟ جنهن خاندان وٽ بيگناهه لاشن جو انبار هجي، اتي ڪنهن نوجوان جو سياست ۾ اچڻ عام ڳالهه ناهي. لوڪ ذوالفقار علي ڀٽو جا چاهيندڙ آهن، کيس پيار ڪن ٿا. بيشڪ. پر جڏهن هاڻ ھن غريب دوست سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ئي آهي ته اسان کي عوام جي ڀلائي لاءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو حقيقي ساٿ ڏيڻو پوندو، سندس هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا، ۽ ملڪ جي فيڊريشن کي بچائڻ لاءِ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇو ته مان هن نوجوان جي اکين ۾ هڪ خاص چمڪ ڏسي رهيو آهيان…… تصور جي اکين سان ڏسندي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن هو ۽ فاطمه ڀٽو هڪ ٽرڪ تي سوار ٿي سڄي ملڪ جو دورو ڪندا، ته ملڪي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن هڪ ساکائتي سياسي ڪٽنب جا نوجوان ڀاءُ ڀيڻ مٿي ٻڌايل خوف خطرا ۽ اکين ۾ خوشحالي جا خواب سجائي خطرن جي دنيا ۾ ٽپي پيا آهن ته اسان سڀني کي به منافقت، ڪوڙ، ۽ مارين جي پوئواري ڇڏي، حقيقي معنيٰ ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏيڻو پوندو.