ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) تيل اگھن ۾ واڌ سميت وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز سکر، ٿرپارڪر ،لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. مظاھرن کي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ اٽو سستي ڪرڻ لاءِ پنھنجا ڪپڙا وڪڙڻ توڙي 200يونٽ بجلي فري ڏيڻ جي دعويدار حڪمرانن ان جي ابتڙ تيل بجلي گيس جا اگھ چوٽ چاڙهي عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن اھڙن ڌوکي باز ۽ جعلي حڪمرانن مان ڪنھن خير جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. سکر ۾ سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ۽ صوبائي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي حافظ امان الله تنيو، خير محمد تنيو، رضا الله گھمرو ۽ ٻيا موجود هئا. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي رکيا هئا جن تي مهانگائي خلاف نعرا لکيل هئا. حافظ نصرالله چنا مولانا حزب الله جکرو خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ روزانو اضافو هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي.هن چيو ته پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ واڌ سان سڀني ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، غريبن لاءِ ٻه وقت جي ماني ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي. نواب شاھ ۾ چڪرا بازار چوڪ تي احتجاجي مظاھري کي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف خطاب ڪندي چيو ته عوام مهانگائي جي ور چڙهيل آهي، حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي جا غلط انگ اکر پيش ڪري رهي آهي، ميرپورخاص ۾ افضال صديق آرائين چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي حڪمن ۽ هدايتن تي ظالماڻو ۽ استحصالي معاشي پاليسيون لاڳو ڪندڙ جعلي حڪمران ملڪ ۽ قوم جا غدار آهن. ريلي کي امير جماعت اسلامي ميرپورخاص شڪيل احمد فهيم، حاجي نور الاهي مغل، ظفر اقبال مجاهد، محمد عاصم شيخ، ڊاڪٽر مسعود عباس، عبدالرزاق ملڪ ۽ نادر خان پڻ خطاب ڪيو. حيدرآباد پريس ڪلب وٽ احتجاجي مظاھري کي ضلعي امير حافظ طاھر مجيد، حنيف شيخ ۽ عرفان قائمخاني خطاب ڪيو.لاڙڪاڻي ۾ ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو جي اڳواڻي ۾ جناح باغ کان پريس جڏھن تہ مٺي ۾ مقامي دفتر کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي کي ميرمحمد بليدي، عبدالماجد ڪنڀر ۽ وڪيل سبحان سميجي خطاب ڪيو.