مهاجر وارو ٽيگ هٽائي سنڌ جا پٽ بڻجو:سردار شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير اجرڪ سنڌ جي سونهن،سڃاڻپ ۽ شان آهي،ان تي سمجهوتو  نٿو ڪري سگهجي،اجرڪ اسان کي هندستان مان لڏي آيلن ته ناهي ٺاهي ڏني،اهي ئي اجرڪ جا ڪپڙا مصر جي بادشاهن پاتا،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته توهان لاس اينجلس جي ميوزيم ۾ ڏسو هن اجرڪ جي تاريخ ڇا آهي؟47ع کانپوءِ آيل اسان جي دوستن کي تاريخ جي خبر ئي ناهي،آفاق احمد چوي ٿو ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي،اسان سنڌ کي جاگير نه ماءُ سمجهون ٿا،اسان جي ماءُ انساني تاريخ ۾ ڇهه ست هزار سالن کان رقم آهي،توهان جيڪڏهن ماءُ کي تسليم نٿا ڪريو ته پيءُ کي به تسليم نه ڪندا،اجرڪ واري نمبر پليٽ ڇو نه هئڻ کپي،هن چيو ته مهاجر سمجهن ٿا ته پاڻي رڳو ٽئنڪر مان ايندو آهي،ٽانڪي ۽ ٽئنڪر جي سوچ رکندڙ کي ڇا چئي سگهون ٿا،توهان ان  ڪيفيت مان ٻاهر نڪري اچو،توهان کي سڃاڻپ ٺاهڻي آهي ته سنڌ جا پٽ ٿي ٺاهي سگهو ٿا،مهاجر وارو ٽيگ هٽائي سنڌ جا پٽ بڻجو،هن چيو ته گجرات ۽ راجستان مان آيل اڃا پاڻ کي مهاجر پيا سڏائين،اهي ته قديم سنڌ جا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.