ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم) جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت اجرڪ جي نالي تي ڦرلٽ جو نئون ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي کي تباهه ڪرڻ بعد هاڻ ماڻهن کي بي واجبي طريقي سان پئسا ڏيڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي،پ پ کي خبر به نه پوندي ڪڏهن زمين پيرن هيٺيان نڪري ويندي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي جي تباهيءَ جو ذميوار آهي،اوچتو اجرڪ واري نمبر پليٽ جو اجرا ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 65 لک گاڏيون هلن ٿيون، جن مان 40 کان 45 لک موٽر سائيڪلون آهن.فاروق ستار چيو ته سنڌ جو گورنر چوندو آهي ته اجرڪ سنڌ جي تهذيب ۽ عزت جي علامت آهي، پر جيڪڏهن ان جي نالي تي ماڻهن کان زوري پئسا وٺي رهيا آهن ته اها ته اجرڪ جي بي عزتي آهي.هن الزام لڳايو ته اندرون سنڌ مان هزارين ٽرئفڪ اهلڪار ڪراچي موڪليا ويا آهن، جن جو مقصد ڪراچي واسين کي لٽڻ آهي، انهن کي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي، جڏهن ته اندرين سنڌ ۾ هڪ سيڪڙو گاڏين تي به اجرڪ واري نمبر پليٽ ناهي ۽ اُتي چالان به نٿا ٿين.فاروق ستار مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن اجرڪ واري نمبر پليٽ ڏيڻ ضروري آهي ته پوءِ اها مفت ڏني وڃي، ماڻهن کان زوري نه وٺي وڃي.لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪا عمارت ڪري پئي، اُتي جيڪي ماڻهو بچيا آهن، تن جي سار لهڻ وارو ڪير به ناهي،ان ڪيس ۾ موجوده ۽ اڳوڻن وڏن وزيرن ۽ بلديات جي وزيرن کي نامزد ڪيو وڃي.