ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندا) پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به تيز طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو، ٽنڊوالهيار، بدين، ٺٽو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ برسات پئي، ڪنري، ٽالهي، نبي سر روڊ، بودر فارم، ٽالهي، چمبڙ، سنجر چانگ، نئون دمبالو، ڪپري موري، ٻڍو قمبراڻي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي وري هلڪي برسات پئي، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، نندو، پنگريو، ٽنڊوباگو، نئون ڪوٽ، ڪلوئي، شادي لارج، کوسڪي، تلهار، کورواهه، ڪڙيو گهنور ۾ وسڪارو ٿيو، چوهڙجمالي سميت سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا سان گڏ مينهن وٺو، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۾ به هلڪي برسات پئي، جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو، ٽنڊومحمد خان، ماتلي، سيراڻي، راڄوخاناڻي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان وسڪارو ٿيو، ڏيئي، ڄام صاحب، ملڪاڻي شريف، نئون آباد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي،