ڪراچي(رپورٽر) پوليس ڪانسٽيبل جي ويٽنگ وارن اميدوارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج، ريلي، ضلعي پوليس ڪانسٽيبل اميدوارن کي مرحليوار آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان سي پي او آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ پوليس ۾ ضلعي پوليس ڪانسٽيبل جي فزيڪل، ريٽرن ٽيسٽ، انٽرويو، ويريفڪيشن ۾ پاس ٿيل اميدوارن جي طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان سي پي او آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي مظفر جوکيو، شهباز ملک، جاويد لاشاري، ، طالب سھتو محب رند، فاروق شر سميت ضلعي پوليس ڪانسٽيبل جي ٻين سوين جي تعداد ۾ اميدوارن شرڪت ڪئي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي پوليس ڪانسٽيبل جا اميدوار سمورا مرحلا پاس ڪري چڪا آهن، ان جي باوجود کين انتظار ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو تعداد گهٽ هجڻ باوجود کين انتظار ۾ رکڻ سراسر ناانصافي آهي، اسان جو احتجاج ۽ جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ضلعي پوليس ڪانسٽيبل جي ويٽنگ وارن اميدوارن کي فيز ٽو فيز آرڊر جو لکت ۾ نوٽيفڪيشن نه ملندو جڏهن ته گهرو وزير ضياء الحسن لنجار اسيمبلي فلور تي چيو هو ته سنڌ پوليس ۾ اهلڪارن جو تعداد گهٽ آهي.