ڪراچي (رپورٽر)حڪومت سنڌ مون سون جي برساتن دوران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سڀ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ بلدياتي ادارن جي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمينن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برسات جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جا بندوبست ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمينن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته خاص طور تي هيٺاهين علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپس جي موجودگي هر حالت ۾ يقيني بڻائي وڃي.جڏهن ته حڪومت سنڌ ڪراچي جي پراڻي شهر ۾ 59 خطرناڪ عمارتن جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جن مان 10 عمارتن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. هن وقت تائين 41 انتهائي خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو آهي ته جيئن انساني جانيون بچائي سگهجن. امڪاني برساتن جي پيش نظر ايس بي سي اي ۾ هڪ رين ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي