پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن سينيٽ چونڊن مان دستبردار نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عرفان سليم، خرم ذيشان ۽ عائشه بانو شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم ذيشان ٻڌايو ته اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سينيٽ چونڊن مان دستبردار نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ڳالهه سينيٽ اليڪشن کان تمام اڳتي نڪري چڪي آهي، ڇا انهن سياسي پارٽين سان اندروني سازباز اسان جي اڳواڻ جي نظريي سان ٺهڪي سگهي ٿي؟ آئون سينيٽ چونڊن مان دستبردار ٿيڻ کان انڪار ڪريان ٿو، جهڪڻ کان انڪار آهي، مصلحتن کان انڪار آهي، سياست ۽ سيٽون ڀاڙ ۾ وڃن، اسين اصولن تي بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين، عرفان سليم شعر پڙهندي چيو ته اسين وڙهنداسين ۽ هن نظام جو حصو نه بڻجنداسين.